اسلام آباد – 02 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نش??يات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مولانا صاحب عوام هاڻي مڪمل طور بيدار ٿي چڪي آهي، ماضي ۾ اها ڪرپٽ سياستدانن جا ڪرتوت ڏسي چڪي آهي، توهان سدائي?? پنهنجي ذاتي مفادن جي لاءِ انهن ڪرپٽ حڪمرانن کي تحفظ ڏيندا رهيا آهيو، قوم هاڻي ڪنهن به صورت ?? مولانا کي مذهب ڪارڊ استعمال ڪرڻ نه ڏيندي، ديني مدرسن جي معصوم شاگردن کي رستن تي آڻي انتشار جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.