اسلام آباد- پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي عوامي جمهوريه چ??ن جي قومي ڏهاڙي تي چيني قيادت، ڪميونسٽ پارٽي ۽ چيني عوام کي مبارڪون پيش ڪندي چيو آهي ته چ??ن جي قيادت محنت، عزم ۽ جذبي سان ترقيءَ جون منزلون طئي ڪيون آهن. چين ترقي ڪندڙ رياستن لاءِ رول ماڊل آهي. چيني قوم پنهنجي عظيم ليڊرشپ ۾ غربت، بي روزگاري ۽ ڪرپشن خلاف ڪامياب جدو??هد ڪئي. پنهنجي پيغام ۾ گهرو وزير چيني قيادت، ڪميونسٽ پارٽي آف چائينا ۽ عوام لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته چ??ني قوم پنهنجي عظيم ليڊرشپ ۾ غربت، بيروزگاري ۽ ڪرپشن خلاف ڪامياب جدو??هد ڪئي آهي. گهرو وزير واضح ڪيو ته چ??ن پاڪستان جو سڀ کان وڏو اعتماد وارو دوست آهي. پاڪ- چين دوستي پوري دنيا ۾ پنهنجو مثال پاڻ آهي. هن چيو ته چ??ن آزمائش جي هر گهڙيءَ ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل رهيو آهي. گهرو وزي?? وڌيڪ چ??و ته پاڪستان ۽ چين عالمي معاملن، امن پسندي ۽ گڏيل احترام جي حوالي سان هڪجهڙو مؤقف رکن ٿا. وفاقي گهرو وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪ- چين ناممڪن فت?? ۽ اسٽريٽجڪ شراڪتداري کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو.