اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف سان يورپي ڪميشن جي صدر ار????او??ن ڊيرلين ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. يورپي ڪميشن جي صدر وز??راعظم شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ڪميشن جي پاڪستان سان پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. وز??راعظم مبارڪباد تي ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پاڪستان يورپي يونين سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو جيڪي گڏيل قدرن ۽ امن، خوشحالي ۽ ترقي جي گڏيل مقصدن تي ٻڌل آهن. وز??راعظم پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن جي ايس پي پلس انتظامن کي ساراهيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هڪ گڏيل فائديمند اسڪيم هجڻ جي ناطي ان پاڪستان ۽ يورپي يونين جي واپار کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. وز??راعظم ار????او??ن ڊيرليين جي يورپي يونين ڪميشن جي خدمتن کي ساراهيو ۽ گڏيل رابطن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم تي زور ڏنو. وز??راعظم شهباز شريف يورپي ڪميشن جي صدر کي دوري جي دعوت ڏني. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ يورپي يونين جي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ، سيڙپڪاري ۽ واپاري تعاون کي تيز ڪرڻ ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون وڌائڻ جي لاءِ رابطي ۾ رهڻ ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.