اسلام آباد- 24 ڊسمبر (اي پي پي) قوم جي باني قائ??اع??م محمدعلي جناح جو 148هون جنم ڏينهن 25 ڊسمبر تي سڄي ملڪ ۾ قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو. ان موقعي تي مُلڪ جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ سرڪاري ۽ نجي سرڪاري تنظيمن، پاڪستان مسلم ليگ، تحريڪ پاڪستان ورڪرز ٽرسٽ، نظريه پاڪتان فائونڊيشن، مرڪزيه مجلس اقبال ?? ٻين تنظيمن جي سهڪار سان پروقار تقريبن، سيمينارز، ڪانفرنسز، مذاڪرن جو بندوبست ڪيو ويندو. ڏينهن جي مناسبت سان وفاقي ۽ صوبائي گادي وارن هنڌن ۾ توپن جي سلامي ڏني ويندي ۽ ڪراچي ۾ قائ??اع??م جي مزار تي گارڊز جي تبديليءَ جي تقريب به منعقد ٿيندي. قوم جي باني 25 ڊسمبر 1876ع تي ڪراچي جي وزير مينشن ۾ پييا ٿيو، سندس والد جو نالو جناح پونجا هو جيڪو هتان جو واپاري هو. محمد علي جناح شروعاتي تعليم جي شروعات 1882ع ۾ ڪئي، هو 1893ع ۾ اعليٰ تعليم لاءِ انگلينڊ روانو ٿيو، اتان هن 1896ع ۾ بئريسٽريءَ جو امتحان پاس ڪيو ۽ وطن وريو. هن 1897ع ۾ ممبئي ۾ وڪالت جي شروعات ڪئي، کيس 1900ع ۾ ممبئي ۾ پريزيڊنسي مئجسٽريٽ مقرر ڪيو ويو. پاڻ 1906ع ۾ ممبئي هاءِ ڪورٽ مان ايڊووڪيٽ جي حيثيت سان ڳنڍيو. محمدعلي 1909ع ۾ سپريم امپيريل ڪائونسل جي چونڊ ۾ بنا مقابلي ڪاميابي حاصل ڪئي. هو 1910ع ۾ قانونساز ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو ويو. پاڻ 1912ع ۾ مسلم ليگ جي ڪلڪته ۾ ٿيل سالياني اجلاس ۾ مهمان طور شرڪت ڪئي. باني 1913ع ۾ مسٽر گوکلي سان انگلينڊ روانو ٿيو جتي انڊين لنڊن ايسوسيئيشن جو قيام عمل ۾ آندو ويو ۽ اُتان واپسيءَ تي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو. قوم جي ابي 1926ع ۾ هندو مسلم اتحاد لاءِ نئون فار??ول?? پيش ڪيو جنهن کي ڪانگريس منظور نه ڪيو. 1929ع ۾ قائ??اع??م مسلم ليگ جي دهلي ۾ رٿيل اجلاس ۾ 14 نُڪتن جو اعلان ڪيو ۽ باضابطه طور تي ڌار وطن لاءِ جدوجهد جي شروعات ڪئي. قوم جي باني ۾ عظمت، قابليت، نيڪ نامي، ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جي لڳن ۽ ذهانت سميت حب الوطني جا جذبا پيدائشي طور موجود هئا، اهوئي سبب آهي جو ننڍپڻ ۽ جواني ۾ ئي سندس مدبرانه صلاحيتن، فهم ۽ فراست، پُختي عزم ۽ همت، سياسي بصيرت، دانشمندي سبب ماڻهن اهو چوڻ شروع ڪري ڇڏيو هو ته محمدعلي هڪ ڏينهن تمام وڏو نالو پيدا ڪندو ۽ 14 آگسٽ 1947ع تي پاڻ اهو تصور درست ثابت ڪري ڏيکاريو. قوم جي باني 11 سيپٽمبر 1948ع جي رات 10:15 منٽن تي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. پاڪستان جي باني جي جنم ڏڻ جي سلسلي ۾ مختلف شهرن ۾ خاص تقريبن جو اهتمام ڪيو ويندو. ان موقعي تي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي خاص پروگرامز نشر ڪيا ويندا.