اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) عا??مي ??ئنڪ چيو آهي ته ترقيءَ جي شرح ۾ مستقل بهتري نه اچڻ تي گهٽ آمدني وارن ملڪن مان صرف ڇهه 2050ع تائين وچولي درجي جي آمدني وارن ملڪن جي درجي تي پهچي س??هندا. اها ڳالهه عا??مي ??ئنڪ جي گلوبل اڪنامڪ پراسپيڪٽس رپورٽ جي حوالي سان جاري ڪيل بيان ۾ چئي وئي آهي. عا??مي ??ئنڪ موجب ايندڙ 25 سال دنيا جي 26 غريب ترين ملڪن لاءِ وچولي درجي جي آمدني تائين پهچڻ جي حوالي سان فيصلائتا ثابت ٿي س??هن ٿا، انهن ملڪن ۾ سراسري ڏهاڙي آمدني 2.15 ڊالرن ??ان گهٽ آهي ۽ هي انتهائي غربت جي خاتمي ??ي عا??مي ڪوششن جو مرڪز آهن. تڪرارن، انساني بحرانن ۽ پائيدار گهٽ ترقيءَ سبب انهن ملڪن ۾ اؤسر جي شرح جمود جو شڪار آهي. 21هين صديءَ جي شروعات ۾ عا??مي ??ئنڪ 63 ملڪن جي گهٽ آمدني طور درجابندي ڪئي هئي، جن مان 39 ملڪ هاڻي وچولي درجي وارا آمدني وارا ملڪ بڻجي چڪا آهن، جن جي في ڪس سالياني آمدني 2023ع تائين 1145 ڊالر کان وڌيڪ هئي. باقي ملڪن ۾ اؤسر جمود جو شڪار آهي. انهن ملڪن جي في ڪس سالياني مجموعي قومي پيداوار ۾ گذريل 15 سالن ۾ سالياني سراسري 0.1 سيڪڙو کان گهٽ شرح سان وڌي آهي. عا??مي ??ئنڪ مطابق جيڪڏهن ترقيءَ جي شرح ۾ مستقل بهتري نه آئي ته گهٽ آمدني وارن ملڪن مان صرف 6 2050ع تائين وچولي درجي جي آمدني وارن ملڪن شامل ٿي س??هندا. عا??مي ??ئنڪ جي چيف اڪانومسٽ ۽ ترقياتي معاشيات بابت سينيئر نائب صدر اندرمت گل ٻُڌايو ته ايندڙ 25 سالن ۾ غريب ترين ملڪن لاءِ ترقي ۽ اؤسر جو هڪ اهم موقعو آهي، عا??مي ??رادري، ترقياتي ڀائيوارن ??ي به ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن ٻُڌايو ته گذريل 15 سالن ۾ انهن ملڪن جي في ڪس آمدني ۾ عملي طور تي ڪابه واڌ نه ٿي آهي. پر اوڀر، ڏکڻ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا جي رڪارڊ مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته ٿوري پرڏيهي مدد ۽ بهتر ملڪي پاليسي سان جنگ ۽ عدم اتحڪام جا شڪار ملڪ به پائيدار اقتصادي ترقيءَ لاءِ حالتون پيدا ٿي س??هنديون.