اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي قيادت ۽ ع??ام کي انهن جي 53هين قومي ڏينهن تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اسان کي يو اي اي جي ترقي ۽ خوشحالي جي شاندار سفر ??ي فخر آهي. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته يو اي اي جو ترقي ۽ خوشحالي جو اهو سفر ??يخ زايد بن سلطان النهيان مرحوم جي ڏاهپ سان ئي ممڪن ٿ??و، جدت جي ان ويزن کي شيخ محمد بن زيد النهيان ۽ شيخ محمد بن راشد آل ??ڪتوم اڳتي وڌايو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان سدائين يو اي اي جو ثابت قدم ڀاءُ ۽ حصيدار رهيو آهي، اسان پنهنجي تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ انهن کي ڪارائتي اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪندا رهنداسين.