اسلام آباد-26 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري ڪش??ير?? عوام جي منصفاڻي جدوجهد لاءِ پاڪستان جي پختي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جو ورجاءُ ڪندي عالمي برادري تي زور ڀ??يو آ??ي ته هو ڀارت جي والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کي روڪڻ ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عمل ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهي. پاڪستان پنهنجي ڪش??ير?? ڀينرن ۽ ڀائرن سان گڏ سندن خود ارادايت واري حق کي حاصل ڪرڻ تائين گڏ بيٺل رهندو. هن اها ڳالهه ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي جيڪو (اڄ) 27 آڪٽوبر تي ملهايو پيو وڃي. صدر آصف علي زرداري چيو ته 27 آڪٽوبر 1947ع جو ڏينهن ڏکڻ ايشيا جي تاريخ جو هڪ ڪارو باب آهي. اڄوڪي ڏينهن ڀارت ڄمون ڪشمير تي قبضي لاءِ فوج ڪشي ڪئي. هن چيو ته گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڀارتي غير قانوني ??ور تي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي عوام ڀارتي فوج جي وحشياڻي ڏاڍ کي برداشت ڪري رهي آهي. گذريل سالن ۾ ڀارت والاريل ڄمون ڪشمير کي دنيا جي سڀ کان وڌيڪ عسڪريت سٽيل علائقن مان هڪ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آ??ي. هن وقت تائين هزارين بي گناهه ڪش??ير?? شهيد ٿي چڪا آهن جڏهن ته ڪش??ير??ن جي اصل قيادت قيد آهي ۽ مقامي ميڊيا کي وڏي پئماني تي سنسر ڪيو ويو آ??ي. صدر مملڪت چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ڪيترائي ڀيرا منصفاڻي ۽ غير جابنداراڻي راءِ ذريعي ڪش??ير?? عوام جي خود اراديت واري حق جي توثيق ڪري چڪي آهي. ان جي باوجود ڀارت انهن قراردادن جي خلاف ورزي ۽ ڪش??ير??ن کي سندن بنيادي حقن کان محروم ڪندو آ??و آ??ي. هن چيو ته آگسٽ 2019ع کانپوءِ ڀارت والاريل ڄمون ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪري ان جي آبادياتي ۽ سياسي منظرنامي کي بدلائڻ جي قدمن سان پنهنجي قبضي کي وڌيڪ مستحڪم ڪيو آ??ي. اهي ڪارروايون ڪش??ير??ن جي آزادي واري تحريڪ کي دٻائڻ ۽ ڀارتي قبضي کي مضبوط ڪرڻ جي هڪ وسيع حڪمت عملي جو حصو آ??ن. هن چيو ته انهن جي جابراڻي حربن باوجود ڪش??ير?? عوام پنهنجي آزادي جي جدوجهد تي قائم آهي. اسان ڀارت جي جاري ظلمن جي شديد مذمت ڪريون ٿا ۽ ڪش??ير?? عوام جي منصفاني جدوجهد لاءِ پنهنجي پختي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جو ورجاءُ ڪريون ٿا. صدر آصف علي زرداري چيو ته وچ اوڀر ۾ ٿيل تازي اڳڀرائي ان ڳالهه جي واضح يادگيري آهي ته پراڻن تڪرارن کي حل طلب نه رهڻ گهرجي. عالمي قانونن جون خلاف ورزيون ۽ تڪرارن کي نظر انداز ڪرڻ ڊگهي امن جي ضمانت ناهي. هن چيو ته ڪش??ير??ن جا ٽي نسل عالمي برادري خاص ڪري گڏيل قومن طرفان سندن خود اراديت واري حق ڏيارڻ جا منتطر آهن. دنيا هاڻي پنهنجي ذميواري کي وڌيڪ نظر انداز نٿي ڪري سگهي. صدر چيو ته اسان عالمي برادري تي زور ڀ??يون ٿا ته هو ڀارت تي دٻاءُ وجهي ۽ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کي روڪي، ڪش??ير??ن جي مشڪلاتن کي گهٽ ڪري ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪري. پاڪستان پنهنجي ڪش??ير?? ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ سندن خود اراديت واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ بيٺل رهندو.