اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ 26 هين آئيني ترميم ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان من??ور ڪري ورتي. ڪالهه آچر ڏينهن سينيٽ اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ 26 هين آئيني ترميم جو بل ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي. رٿ جي من??وري کانپوءِ 26 هين آئيني ترميم جو بل من??وري لاءِ ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت گهري وئي. سينيٽ چيئرمين رٿ تي ووٽنگ دوران ان جي حامي ۽ مخالف ميمبرن کي بيهاري انهن جي ڳڻپ ڪرائي. ووٽنگ کان اڳ سموريون گئلريون خالي ڪرايون ويون جڏهن ته هال جا دروازا بند ڪيا ويا. ڳڻپ دوران ترميم جي رٿ جي حمايت ۾ 65 ووٽ جڏهن ته مخالفت ۾ 4 ووٽ پيا. پي ٽي آءِ جا اڪثر ميمبر ايوان ۾ موجود نه هئا. ان کانپوءِ پي ٽي آءِ جا چارئي ميمبر ڳڻپ کان پوءِ ايوان مان هليا ويا ۽ قانونسازي ۾ حصو ??ه ورتو. رٿ جي من??وري کانپوءِ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني 26 هين آئيني ترميم شق وار من??وري لاءِ ايوان ۾ پيش ڪئي جنهن جي ايوان متفقه طور تي من??وري ڏني. جي يو آءِ (ف) جي سينيٽر ڪامران مرتضيٰ ترميمون ايوان ۾ پيش ڪيون جنهن جي وفاقي وز??ر اعظم نذير تارڙ حمايت ڪئي جنهن تي ايوان انهن ترميمن کي من??ور ڪري ورتو. آئيني ترميم جي شق وار من??وري دوران ڪنهن به ميمبر قانونسازي جي مخالفت نه ڪئي. ان کانپوءِ سينيٽ چيئرمين بل جي شق واري من??وري کانپوءِ بل من??وري لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو. بل تي ووٽنگ کان اڳ هال جا دروازا بند ڪيا ويا، سينيٽ چيئرمين ٻه منٽ ??هنٽيون وڄائڻ جي هدايت ڪئي، جنهن کانپوءِ هال جا دروازا بند ڪيا ويا. سينيٽ چيئرمين آئيني ترميم جي حامي ميمبرن کي ساڄي لابي ۽ مخالف ميمبرن کي کاٻي لابي ۾ وڃڻ ۽ رجسٽر تي پنهنجو ووٽ داخل ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. ان کانپوءِ سينيٽ چيئرمين ڳڻپ ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. ترميم جي حمايت ۾ 65 ۽ مخالفت ۾ 4 ووٽ پيا، اهڙي طرح ايوان 26 هين آئيني ترميم ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان من??ور ڪري ورتي.