اسلام آباد-07 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن وا??ي وفاقي وزير محسن نقوي ڪراچي ايئرپورٽ سگنل ويجهو ڌماڪي جي مذمت ڪندي ڌماڪي ۾ 2 چيني شهرين جي مارجڻ تي ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. ڪالهه پنهنجي تعزيتي بيان ۾ گهرو وزير چيو ته چ??ني شهرين جي ڏکويل خاندان جي غم ۾ بر??بر جو شريڪ آهيان. ڏُک جي گهڙيءَ ۾ چيني شهرين جي خاندانن سان مڪمل يڪجهتيءَ جو اظهار ڪريون ٿا. ان افسوسناڪ واقعي جا ذميوار قانون جي پڪڙ کان نٿا بچي سگهن. بز??ل دشمن پاڪ- چين دوستي کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.