نيويارڪ – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ عال??ي بئنڪ جي صدر اجي پال سنگهه بنگا ويزن 2025ع ۽ گڏيل قومن جي پائيدار ترقي جي هدفن موجب پاڪستان جي ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو آ??ي. ??زيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب و??يراعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ورلڊ بئنڪ جي صدر اجي پال سنگهه بنگا ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب پڻ ملاقات ۾ موجود هو. ملاقات دوران وزيراعظم عال??ي بئنڪ پاران پاڪستان حڪومت سان اقتصادي سڌارن، غربت ۾ گهٽتائي ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي سميت پاڪستان جي معاشي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تعاون کي ساراهيو. وزيراعظم عال??ي بئنڪ جي صدر کي حڪومت جي پاليسي، انتظامي ۽ تنظيمي سڌارن جي حوالي سان کنيل قدمن بابت ٻڌايو. هن ٻڌايو ته حڪومت تو??نا??ي، ماليات ۽ اوڳاڙين جي شعبن ۾ سڌارا آندا آهن. هن چيو ته پاڪستان حڪومت معاشي سڌارن جي تڪميل جي لاءِ عال??ي بئنڪ پاران تعاون جي آجيان ڪندو. هن پاڻي نظام، تو??نا??ي ۽ انساني ترقي سميت پاڪستان جي ترقياتي منصوبن جي لاءِ جديد مالياتي حل ڳولڻ تي زور ڏنو. وزيراعظم ۽ عال??ي بئنڪ جي صدر ويزن 2025ع ۽ گڏيل قومن جي پائيدار ترقي جي هدفن موجب پاڪستان جي ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو.