اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري رزمڪ، اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب آپريشن کي ساراهيندي چيو آهي ته دهشتگ??دي جي ل??نت جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروايون جاري رهنديون. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري پنهنجي بيان ۾ چيو ته سيڪيورٽي فورسز بهادري ۽ ج??ئت جو مظاهرو ڪندي 8 خوارجن کي ماريو. دهشتگ??دي جي خلاف جنگ ۾ پوري قوم پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. صدر چيو ته معصوم شهرين جي جان ۽ مال جو هر قيمت تي تحفظ ڪيو ويندو.