اسلام آباد – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته حضرت محمد ﷺ رهندي دنيا تائين انسانيت جي لاءِ هدايت جو سرچشمو آهي، سندن سيرت طيبه اسا?? کي زندگي جي هر شعبي ۾ رهنمائي فراه?? ڪري ٿي، موجوده دور ۾ درپيش چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ بحيثيت قوم ۽ بحيثيت مسلمان امت اسوه حسنه کي پنهنجي زندگي جو حصو بڻائڻو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار صدر 12 ربيع الاول 1446هه / 2024ع جي موقعي تي قوم جي نالي پيغام ۾ ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر پوري قوم کي 12 ربيع الاول جي خوشي جي موقعي تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته الله تعاليٰ هن مبارڪ مهيني ۾ اسا?? کي پنهنجي محبوب خاتم النبيين حضرت محمد ﷺ جي ولادت جي صورت ۾ عظيم نعمت عطا فرمائي. پاڻ ﷺ رهندي دنيا تائين انسانيت جي لاءِ هدايت جو سرچشمو آهن. هي ڏينهن هر مسلمان جي دل ۾ عشق رسول ﷺ جو ڏيئو روشن ڪري ٿو ۽ اسا?? کي ان پيغام جي ياد ڏ??ار?? ٿو جيڪو ظلمت کي مٽائي نور جو مينار بڻيو. صدر چيو ته الله تعاليٰ رسول الله ﷺ جي زندگي کي اسان جي لاءِ بهترين نمونو قرار ڏنو. پاڻ ﷺ جي سيرت طيبه اسا?? کي زندگي جي هر شعبي ۾ رهنمائي فراه?? ڪري ٿي. پاڻ ﷺ عدل ۽ انصاف تي ٻڌل معاشرو قائم ڪيو جتي هر ماڻهو، ڀلي اهو امير هجي يا غريب، عزت ۽ وقار سان رهي سگهندو هو. صدر چيو ته رسول الله ﷺ ارشاد فرمايو ته بهترين انسان اهو آهي جيڪو ٻي?? کي نفعو پهچائي جيتوڻيڪ هن مبارڪ موقعي تي اسا?? کي نبي اڪرم ﷺ جي انسانيت سان محبت ۽ همدرديءَ جي پيغام کي عا?? ڪرڻ جي ضرورت آهي. پاڻ ﷺ سدائين ٻين جي مدد ۽ نصرت جو درس ڏنو. يتيمن جو خيال هجي، غريبن جي مدد هجي يا بيمارن جي تيمارداري، پاڻ ﷺجي زندگي هر لمحي انسانيت جي خدمت جو عملي نمونو آهي. هن چيو ته نبي ڪريم ﷺ جي پيغام کي ڦهلائڻو آهي جيڪو محبت، رواداري ۽ انساني حقن جو ضامن آهي. هنن هر انسان، ڀلي اهو مسلمان هجي يا غيرمسلم هجي سان احترام ۽ عزت جو سلوڪ ڪيو. اسا?? کي به انهي جذبي تحت سڄي دنيا ۾ ڀائيچاري، عدل ۽ محبت کي فروغ ڏيڻو آهي. صدر چيو ته اچو هن مبارڪ ڏينه?? کي انسانيت جي ڀلائي جي لاءِ وقف ڪريون ۽ نبي اڪرم ﷺجي تعليم کي پنهنجي عمل جو حصو بڻايون. منهنجي دعا آهي ته الله تعاليٰ پاڪستا?? کي امن، ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن رکي ۽ اسا?? کي نبي ڪريم ﷺ جي سيرت طيبه تي عمل پيرا ٿيڻ جي توفيق عطا فرمائي.