اسلام آباد-12 سيپٽمبر (اي پي پي) اليڪ??ن ڪميشن آف پاڪستان جو ??جل??س اليڪ??ن ڪميشن جي ميمبر نثار احمد دراني جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ اسلام آباد ۾ لوڪل گورنمينٽ چونڊون ڪرائڻ جي معاملي جو جائزو ورتو ويو. خميس ڏينهن اليڪ??ن ڪميشن آف پاڪستان جي پريس رليز موجب ??جل??س ۾ اليڪ??ن ڪميشن جي معزز ميمبرن شاهه محمد جتوئي، بابر حسن ڀروانه ۽ جسٽس (ر) اڪرام الله خان، اليڪ??ن ڪميشن جي سيڪريٽري، اليڪ??ن ڪميشن جي اسپيشل سيڪريٽري ۽ اليڪ??ن ڪميشن جي لا سيڪريٽري، گهرو وزارت جو اسپيشل سيڪريٽري، چيف ڪمشنر اسلام آباد، ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد ۽ قانون ۽ انصاف واري وزارت جي نمائندي شرڪت ڪئي. اليڪ??ن ڪميشن جي سيڪريٽري ٻڌايو ته اليڪ??ن ڪميشن اسلام آباد لوڪل گورنمينٽ چونڊون جو پروگرام 8 آگسٽ تي جاري ڪيو جنهن ۾ موجب پولنگ 9 آڪٽوبر تي ٿيڻي هئي، ان پروگرام موجب نامزدگي ڪاغذ جمع ٿي چڪا هئا ۽ ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ جو عمل جاري هو ته گورنمينٽ اسلام آباد لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2015ع ۾ ترميم ڪري ڇڏي. انهن ترميمن کي نظر ۾ رکندي اليڪ??ن ڪميشن لوڪل گورنمينٽ چونڊن جي عمل کي ملتوي ڪري ڇڏيو ته جيئن لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ ۾ ترميمن، ان جي اثرن ۽ اسلام آباد لوڪل گورنمينٽ چونڊون ڪرائڻ بابت گهرو وزارت، لا ۽ چيف ڪمشنر اسلام آباد کان موقف ورتو وڃي ۽ ڄاڻايل چونڊون ڪرائڻ بابت مناسب فيصلو ڪيو وڃي. اليڪ??ن ڪميشن گورنمينٽ جي مٿي ڄاڻايل نمائندن کي موجوده ترميمن کي نظر ۾ رکندي مناسب رولز ۽ ٻي قانونسازي بابت هدايت ڪئي.