اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ??يو آهي ته موجوده حڪومت جي دانشمنداڻي پاليسين سبب روپئي جو قدر مستحڪم آهي، مهانگائي سنگل ڊجٽ تي اچي وئي آهي، پرڏيهي مان اُماڻيل ناڻي ۽ روانگي واپار ۾ رڪارڊ واڌ ٿي آهي. ڪالهه سينيٽ اجلاس ۾ سينيٽر محسن عزيز جي نجي شعبي ۾ قرضن جي گهٽتائي ۽ قرضن ۾ واڌ جي مسئلن کي بحث هيٺ آڻڻ ۽ سينيٽر ذيشان خانزاده جي ايف بي آر جي ڊجيٽلائزيشن جي طريقيڪار جي حوالي سان رٿ تي بحث ۾ حصو وٺندي ناڻي واري وزير ??يو ته ايوان ۾ جلد معاشي منصوبو پيش ڪندس، روپئي جو قدر مستحڪم آهي، مهانگائي سنگل ڊجٽ تي اچي وئي آهي، پرڏيهه مان اُماڻيل ناڻي ۽ روانگي واپار ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو ??هي، مائڪرو اڪنامڪ استحڪام بنياد آهي، ماضيءَ ۾ آءِ ايم ايف پروگرام ۾ وڃڻ ۾ دير ڪئي وئي جنهن سان نقصان ٿيو، نجي شعبي جا قرض 470 ارب رپين کان وڌيڪ آهن، مالياتي نظم ۽ نسق ضروري آهي، پنهنجن خرچن کي گهٽ ڪرڻو پوندو. هن ??يو ته ڪاروبار ڪرڻ حڪومت جو ڪم ناهي، نجي شعبي کي اڳيان اچڻو پوندو، اسان نجي شعبي کي هر ممڪن سهڪار فراهم ڪنداسين. آءِ ٽي شعبي جو بجيٽ وڌايو ويو ??هي. زر??عت ۽ ايس ايم ايز جي شعبن تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊجيٽلائيزيشن جو ڪم شروع ڪيو ??هي، ٽيڪسن جي وصولين جو طريقيڪار آسان ۽ سادو هئڻ گهرجي. هن ??يو ته ٽيڪنالاجي جي استعمال سان انساني مداخلت ۾ آساني ۽ صارفين کي سهولت حاصل ٿيندي، ملڪ عطين تي نٿو هلي سگهي، سڀني کي ٽيڪس ڏيڻو پوندو. هن ??يو ته آءِ ايم ايف سان اهو آخري پروگرام هوندو، اسان کي ڍانچه جاتي سڌارا آڻڻا پوندا، توانائي جي شعبي ۾ سڌارن سان اڳتي وڌي سگهون ٿا، سرڪاري ادارن جي نجڪاري لاءِ سڌارا اڻٽر آهن جنهن لاءِ اسان پُرعزم آهيون.