اسلام آباد – 16 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ??رڪ??ه جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جون ستون اجلاس گذريل هفتي اسلام آباد ۾ ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي جڏهن ته ??رڪ??ه جي نائب پرڏيهي وزير نوح يلماز ??رڪ??ه جي وفد جي قيادت ڪئي. ترجمان چيو ته ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستان ۽ ??رڪ??ه جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي سمورن رخن کي شامل ڪيو ويو، ٻئي ڌريون اعليٰ سطحي ر??بطن کي مضبوط ڪنديون ۽ موجوده معاهدن کي مڪمل طور تي فع??ل ڪنديون. هن چيو ته ڌريو پاڪ – ترڪ اسٽريٽجڪ اڪنامڪ فريم ورڪ کي اپ گريڊ ڪنديون. هن چيو ته هو واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي، سيڪيورٽي ۽ دفاع، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ثقافت ۽ سياحت، تعليم ۽ قونصلر معاملن ۾ پڻ تعاون وڌائيندا.