اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي چيو آهي ته علائقائي امن، سلامتي ۽ سهڪار لاءِ آسيان ۽ ميمبر ملڪن سان پاڪستان پنهنجا لاڳاپا وڌائڻ جو پختو عزم رکي ٿو، آسي??ن جو علائقائي يڪجهتي ۽ خوشحالي لاءِ ڪردار ??اراهه جوڳو آهي. پرڏيهي آفيس م??ن جاري بيان مطابق پرڏيهي سيڪريٽري 27 جولاءِ کان لائو پي ڊي آر ۾ منعقد ٿيل 31 هين آسيان ريجنل فورم وزارتي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي. اجلاس ۾ پاڪست??ن جي نمائندگي ڪندي هن چيو ته ايشيا پيسفڪ خطي ۾ علائقائي تڪرارن تي پاڪست??ن جي نقطه نظر بابت شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪندي گروپن جي سياست بدران ڳالهين جي ضرورت تي زور ڏ??و. ??ن ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڪشمير جي عوام جي خراب حالت کي اجاگر ڪندي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن مطابق ان تڪرار ??ي حل جي ضرورت تي زور ڏ??و. ??رڏيهي سيڪريٽري غزه ۽ افغانست??ن جي صورتحال سميت علائقائي معاملن تي پاڪست??ن جو موقف پيش ڪيو. آسيان ريجنل فورم جي موقعي تي پرڏيهي سيڪريٽري آسي??ن جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل داتو استنه عبدالعزيز، چين جي نائب پرڏيهي وزير سن وي ڊونگ ۽ ملائيشيا جي پرڏيهي وزارت جي سيڪريٽري جنرل داتو سري عمران محمد زين سان پڻ ملاقات ڪئي.