اسلام آباد- 25 جولاءِ (اي پي پي)صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته ??رٽيلائيزر ڪمپنيون ملڪ جي هر ضلعي ۾ هارين جي سهولت ۽ زرعي ترقي لاءِ ماڊل سينٽرن جي شروعات ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ ٿيل فرٽيلائيزر رويو ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. جاري ڪيل بيان موجب اجلاس جو مقصد ملڪ ۾ ??اڻ جي اسٽاڪ جي دستيابي ۽ اگهن جو جائزو وٺڻ هو. وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو ته ??ارين جي سهولت ۽ زرعي ترقي لاءِ ??اڻ ڪمپنين طرفان هر ضلعي ۾ ماڊل سينٽر ک??ليا ويندا ۽ هاري اصل اگهه تي ڀ??ڻ خريد ڪري سگهندا. حڪومتي قدمن ??ان ايجنسين ۽ ڊيلرز جو خاتمو ٿيندو. هن چيو ته ??وجي فرٽيلائيزر ڪمپني گذريل ڪجهه هفتن دوران ماڊل سينٽر جو افتتاح ڪيو آهي. اينگرو فرٽيلائيزر ڪمپني ترجيحي بنيادن تي ماڊل سينٽر جي قيام جون تجويزون ڏي. هن وڌيڪ چيو ته ذخيرو ۽ اگهن ۾ ڦيرڦار ڪرڻ تي صوبائي حڪومت کي سخت قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.