اسلام آباد-25 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان پوسٽ علامه اقبال اوپن ??ونيورسٽي جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي يادگاري ٽپال ٽڪلي جاري ڪري ڇڏي. ان سلسلي ۾ علامه اقبال اوپن ??ونيورسٽي ۾ هڪ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي. پاڪستان پوسٽ ۽ يونيورسٽي انتظاميه گولڊن جوبلي جي موقعي تي يادگاري ٽپال ٽڪلي جي مهورت ڪئي. تقريب ۾ صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ۽ پاڪستان پوسٽ جو ڊائريڪٽر جنرل سميع الله خان خاص مهمان هئا. ان اهم سنگ ميل کي خص??صي ٽپال ٽڪليون جاري ڪرڻ سان ملهايو ويو جيڪو معيا??ي تعليم فراهم ڪرڻ ۽ معاش??ي تي ان جي اثرن لاءِ علامه اقبال اوپن ??ونيورسٽي جي چاهه جي علامت آهي. پنهنجي خطاب ۾ راڻا تنوير حسين پاڪستان ۾ تعليم جي شعبي ۾ علامه اقبال اوپن ??ونيورسٽي جي نمايان خدمتن کي ساراهيو. هن چيو ته علامه اقبال اوپن ??ونيورسٽي سڀني لاءِ پهچ جوڳي تعليم کي هٿي ڏيڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ?? هي يادگاري ٽپال ٽڪلي علامه اقبال اوپن ??ونيورسٽي جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي پاڪستان پوسٽ طرفان جاري ڪئي پئي وڃي جيڪو ساراهه جوڳو قدم آهي.