اسلام آباد-19 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن ۽ منشيات جي خاتمي واري وفاقي وزير محسن نقوي سان ??ري??نڪا جي هاءِ ڪم??نر ايڊمرل (ر) رويندرا چندرا سري وجي گورناتني ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ ??ري??نڪا ۾ ڪيترن ئي سالن کان قيد پاڪستاني شهرين جي آزادي جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان ??ري??نڪا ۾ ڦاٿل پاڪستاني قيدين کي 7 ڏينهن ۾ پاڪستان واپس آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ??ري??نڪا ۾ پاڪستاني قيدين جي وطن واپسي لاءِ ٻنهي طرفن کان جلد ڪارروائي مڪمل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ??ري??نڪن هاءِ ڪم??نر پاڪستاني قيدين جي آزادي لاءِ پنهنجي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي. وفاقي وزير محسن نقوي قيدين جي وطن واپسي لاءِ تعاون تي ??ري??نڪن هاءِ ڪم??نر جو ٿورو مڃيو. وفاقي وزير محسن نقوي چيو ته ??ري??نڪا ۾ قيد پاڪستاني شهرين جي وطن واپسي لاءِ سمورن قدمن کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏني پئي وڃي. ملاقات ۾ منشيات جي خاتمي ۽ بارڊر سيڪيورٽي جي معاملن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. وفاقي وزير چيو ته ??ري??نڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ لاڳاپا وقت سان گڏوگڏ مضبوط ٿي رهيا آهن. گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ لاءِ تيزي سان قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته منشيات جي خاتمي ۽ بارڊر سيڪيورٽي جي حوالي سان گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻ وقت جي اهم گهرج آهي. ??ري??نڪن هاءِ ڪم??نر چيو ته ??ري??نڪا پاڪستان س??ن پنهنجي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو.اي پي پي/ز – ج/ر 211; م 17:57