اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ترڪيه سان اقتصادي لاڳاپن جي فروغ ۽ واپاري حصيداري جي وڌيڪ مضبوطي جو خواهشمند آهي، پاڪستان ۾ ٻاهرئين س??ڙپ??اري جي موجوده صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ نظام ۾ سڌارا ڪيا ويا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ترڪ س??ڙپ??ار وفد ملاقات ڪئي. ترڪ وفد پاڪستان ۾ س??ڙپ??اري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه ج?? عوام جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي صدين تي ٻڌل آهن، پاڪستان ترڪيه سان اقتصادي لاڳاپن جي فروغ ۽ واپاري حصيداري جي وڌيڪ مضبوطي جو خواهشمند آهي، پاڪستان ۾ ٻاهرئين س??ڙپ??اري جي موجوده صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ نظام ۾ سڌارا ڪيا ويا آهن. ملاقات ۾ ترڪيه ج?? پاڪستان ۾ سفير مهمت پاچاجي، سي اي او ٽرمينل ياپي جنڪ جوشڪن ۽ ٻيا ترڪ ۽ پاڪستاني اهلڪار شريڪ هئا. ملاقات ۾ وفاقي وزيرن محمد ا??حاق ڊار، خواجه محمد آصف، احد خان چيما، وزيراعظم جو ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان ا??ضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار شريڪ هئا. وفد پاڪستان پاران شاندار استقبال ۽ ميزباني تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.