اسلام آباد-12 مارچ (اي پي پي)سائبر سيڪيورٽي ۾ مصنوعي ذهانت (اي آءِ) جي مؤثر ڪردار جي اهميت کي نظر ۾ رکندي شعبي ۾ ??لا??يتن ۾ اضافو ممڪن آهي. ان ڳالهه جو اظهار پائيدار ترقيءَ واري پاليسي (ايس ڊي پي آءِ) ۽ علامه اقبال اوپن ي??نيورسٽي جي انتظام هيٺ پاڪستان ۾ مصنوعي ذهانت ۽ـ سائبر سيڪيورٽي جي حوايل سان مشڪلاتن ۽ موقعن جي موضوع تي رٿيل سيمينار دوران ڪيو ويو. ان موقعي تي آءِ ٽي ۽ـ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري مملڪتي وزير شيزا فاطمه خواجه چيو ته جديد ڊيٽا سان نئين نسل کي هم آهنگ ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته ان کي جديد فني تربيت نصاب ذريعي ڏني وڃي، جڏهن ته نصاب تعليم ۽ تعليمي نظام ۾ سڌارن جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان ترقي يافته ملڪن ۾ ٽيڪنالاجي جي لحاظ کان تمام گهڻو پوئتي آهي. آءِ ٽي جي ب??تر استعمال سان حڪمراني واري نظام ۾ بهتري ۽ شفافيت آڻي سگهجي ٿي. حڪومت عوام کي هر ممڪن سهولت ۽ پاڪستان جي برق رفتار ترقيءَ لاءِ عملي قدم کڻندي.