بيجنگ-05 مارچ (اي پي پي)شنگهائي ۾ مقرر پاڪستان جي قونصل جنرل حسين حيدر چين جي جدت پسند سفر جي واکاڻ ڪندي ان کي پاڪستان ل??ءِ متاثر ڪن قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان به ان قسم جي ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ ل??ءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. هن چائنا اڪنامڪ نيٽ کي ڏنل هڪ انٽرويو دوران اقتصادي،فني ۽ سماجي ترقي ۾ چين جي ڪاميابين جي واکاڻ ڪندي چيو ته چين جي معيشت جي عالمي سطح تي ترقي ذڪر جوڳي آهي. هن چيو ته چين جي جاري 2 اجلاسن يعني نيشنل پيپلز ڪانگريس (اين پي سي) ۽ چيني عوام سياسي مشاورتي ڪانفرنس (سي پي پي سي سي) وڏي اهميت واري آهي. جيڪي چين جي جمهوري نظام ۽ ان جي عوام جي زندگين کي بهتر بڻائڻ جي عزم کي ظاهر ڪ??ي ٿو. هن چيو ته گذريل 4 سالن کان شنگهائي ۾ قونصل جنرل طور 02 سيشنز جي ڪاررواين کي ويجهڙائي کان ڏٺو آهي. آءِ ايم ايف طرفان هلندڙ سال جنوريءَ ۾ جاري ڪيل ورلڊ اڪنامڪ آئوٽ لُڪ رپورٽ ۾ عالمي اقتصادي ترقيءَ جي شرح 3.1 سيڪڙو رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي. اميد آ??ي ته چين 2024ع ۾ عالمي شرح کان اڳيان وڌي ويندو ۽ عالمي اقتصادي ترقيءَ ۾ هڪ وڏو حصيدار رهندو. هن چيو ته سال 24ع ل??ءِ چين جو جي ڊي پي هدف ان جي معاشي مستقبل تي ان جي اعتماد ۽ اعليٰ معيار جي ترقيءَ ل??ءِ سندس عزم کي ظاهر ڪ??ي ٿو. سڄي دنيا تسليم ڪ??ي ٿي ته گذريل 45 سالن ۾ چين جي اقتصادي ترقي غير معمولي رهي آهي. پاڪستاني قونصل جنرل ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئٽو (بي آر آءِ) جي گڏيل تعمير ۾ چين جي اهم شراڪتدار طور ان سهڪار مان فائدو کنيو آهي. سي پ??ڪ هڪ اهم منصوبو آهي جنهن پاڪستان جي بنيادي ڍانچي جي منظرنامي کي نمايان طور تي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. بنيادي ڍانچي کان علاوه ٻين ملڪن سان چين جو سهڪار مختلف شعبن بشمول واپار، ٽيڪنالاجي ۽ ثقافتي مٽاسٽا تائين وسيع آهي. پاڪستاني قونصل جنرل اميد ظاهر ڪئي ته چين اقتصادي ترقي ۽ سماجي ترقيءَ جي پنهنجي يقيني منصوبن سان اڳيان وڌي رهيو آهي. پاڪ- چين دوستي ۽ سهڪار وڌيڪ مضبوط ٿيڻ سان گڏوگڏ مستقبل ٻنهي ملڪن ل??ءِ اميد ڏياريندڙ نظر اچي رهيو آهي.