اسلام آباد-09 مارچ (اي پي پي)پاڪستان پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته پارليامينٽ ۽ جمهوريت کي مضبوط بڻائڻ لاءِ جمهوري پارٽي طور اسان جي ذميواري رهي آهي ته آئين ۽ پارليامينٽ سان گڏوگڏ سمورين صوبائي وحدتن کي به مضبوط ڪيو وڃي ان حوالي سان پارليامينٽ آئيني ترميمون به ??يو. صدارتي چونڊن لاءِ ڪالهه پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ت?? پنهنجي گذريل صدارت واري دور ?? پارليامينٽ کي ادارن جي بهتري لاءِ تجويزون ڏنيون ته پارليامينٽ لبيڪ چيو ۽ پوءِ اهي ترميمون ڪيون ويون جيڪي هن ملڪ لاءِ ضروري هيون.