اسلام آباد – 01 – فيبروري (اي پ?? پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ناول نگار، مح??ق، نقاد ۽ دانشور اسلم رسولپوري جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ مرتضيٰ سولنگي چيو ته مرحوم اسلم رسالپوري جي علمي خدمتن کي وڏي عرصي تائين ياد رکيو ويندو، مرحوم س??ڌي شاعرن سچل سرمست، بيدل س??ڌي ۽ حمل لغاري جي سرائيڪ?? ڪلام جي تدوين جي ذريعي س??ڌي ۽ سرائيڪي تصوف جي روايتن جي ماخذات جي هم آهنگي کي اجاگر ڪيو ۽ سندس اهو تحقيقي ڪارنامو سدائين ياد رکيو ويندو. مرتضيٰ سولنگي مرحوم اسلم رسالپوري جي وارثن ۽ پونئيرن سان دلي همدرديءَ جو اظهار ڪندي مرحوم جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي.