اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (ورڪرز) جي صدر سينيئر صح??في پرويز شوڪت جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پرويز شوڪت جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افس??س ٿيو، پرويز شوڪت صحافين جو مضبوط آواز هو، صحافت جي شعبي ۽ صحافين جي ڀلائي جي لاءِ سندس خدمتن کي سدا??ين ياد رکيو ويندو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ڏي ۽ ??ون??يرن کي صبر جميل عطا فرمائي.