ڪراچي-05 في??رو??ي (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن کي روڪڻ لاءِ 8 في??رو??يءَ تي پ پ جي ڪاميابي تمام ضروري آهي. هن يومِ يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته ڪشمير ڪاز ک?? اڳتي وڌائڻ لاءِ 8 في??رو??يءَ جي چونڊن ۾ پ پ جي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ضروري آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قائدِ عوام شهيد ڀٽو قائداعظم جي مؤقف ک?? اڳتي وڌايو. شهيد ڀٽو چيو هو ته جيڪڏهن اسان ڪشمير خاطر هڪ هزار سال تائين جنگ وڙهنداسين ته به وڙهندا. شهيد محترمه بينظير ڀٽو هر سال 5 في??رو??يءَ تي يوم يڪجهتي ڪشمير ملهائڻ جو تاريخي فيصلو ڪيو. شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي هن فيصلي ڪشمير ڪاز کي اڻ مٽ بڻائي ڇڏيو. شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي هن ق??م جي گونج دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٻُڌي وڃي ٿي.