اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪ??ڪڙ توانائي و??ري و??ارت کي هدايت ڪئي آهي ته ڪي اليڪٽرڪ جي ٻين مسئلن جو گڏيل مشاورت سان حل ڪڍيو وڃي، ڪراچي جي لاءِ بجلي جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائي وڃي ۽ بجلي صارفين جي قوت خريد ۽ انهن جي ڀلائي پاليسي جو محور هجڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪ??ڪڙ سان ڪراچي اليڪٽرڪ (ڪي اليڪٽرڪ) جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مونس عبدالله علوي جي قيادت ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڪي اليڪٽرڪ مونس عبدالله علوي، چيف فنانس آفيسر ڪي اليڪٽرڪ عامر غزيني ۽ ريگيوليٽري آفيسر ڪي اليڪٽرڪ عمران قريشي شامل هئا. ان موقعي تي توانائي و??رو نگران وفاقي و??ير محمد علي، نيپرا چيئرمين وسيم مختار، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي ريحان اختر ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا. ان موقعي تي نگران وزيراعظم کي ڪي اليڪٽرڪ جي مختلف معاملن تي بريفنگ ڏني و??ي. وفد نگران وزيراعظم جا ڪي اليڪٽرڪ جا پراڻا مسئلا حل ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. وفد ڪي اليڪٽرڪ جي لاءِ 390 ارب رپين جي سيڙپڪاري پلان ۽ قابل تجديد توانائي جي 640 ميگاواٽ جي منصوبن جي لاءِ اگهن جي منظوري ۽ 1000 ميگاواٽ اضافي بجلي جي فراهمي تي نگران وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي گڏيل تعاون سان ڪراچي جي لاءِ بجلي جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائي ويندي، انهن قدمن س??ن سيڙپڪارن کي مثبت پيغام مليو آهي. نگران وزيراعظم توانائي و??ري و??ارت کي هدايت ڪئي ته ڪي اليڪٽرڪ جي ٻين مسئلن جو گڏيل مشاورت سان مستقل حل ڪڍيو وڃي. هن اها به هدايت ڪئي ته بجلي صارفين جي قوت خريد ۽ انهن جي ڀلائي پاليسي جو محور هجڻ گهرجي.