ڊيره اسماعيل خان – 13 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ کٽي چڪو آهي، عالم حق، ??ياست ۽ امن سان گڏ بيٺل آهن، دهشتگرد حملن کي اڳتي وڌي منهن ٽوڙ ??وا?? ڏينداسين، دهشتگرد ڪو به حربو استعمال ڪري وٺن ڪامياب نه ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊيره اسماعيل خان دهشتگرد حملي ۾ زخمي ٿيندڙن جي عيادت کانپوءِ ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ملڪ جي تحفظ جي لاءِ زخمي ٿيندڙ جوانن جا حوصلا بلند آهن، آئون انهن کي حوصلو ڏيڻ جي لاءِ آيو آهيان پر انهن جوانن مون کي حوصلو ڏنو آهي ۽ اهي جوان زخمي ٿيڻ جي باوجود دشمن جو مقابلو ڪرڻ جو عزم رکن ٿا. هن چيو ته حملي آورن کي خبردار ڪري رهيو آهيان ته اهي جنگ هارائي چڪا آه??، رياست پاڪستان اها جنگ کٽي چڪي آهي، هو هارايل جڏهن ته اسان ک??يل جنگ وڙهي رهيا آهيون. هن چيو ته پنهنجي سرزمين جي حفاظت ڪندڙ شهيد ۽ زخمي الله آڏو سرخرو ٿيندا، هن ک??يل جنگ ۾ جن قربانيون ڏنيون اهي هتي ڪامران ۽ جنت ۾ راحت ۾ هوندا جڏهن ته خوارج دنيا ۽ آخرت ۾ رسوا هوندا، اهي دوزخ جا جا هيـٺئين درجي وارا ماڻهو آهن. نگران وزيراعظم چيو ته عالم حق، ??ياست ۽ امن سان گڏ بيٺل آهن، دهشتگرد اسان کي موت کان ڊيڄاري نه ٿا سگهن، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ هزارين پاڪستانين پنهنجون جانيون قربان ڪيون آهن ۽ اسان وڌيڪ قربانين جي لاءِ پڻ تيار آهيون، دهشتگرد حملن جو اڳتي وڌي منهن ٽوڙ ??وا?? ڏينداسين. هن چيو ته دهشتگرد ڪو به حربو استعمال ڪري وٺن ڪامياب نه ٿيندا. ان موقعي تي هن دهشتگرد حملي ۾ زخمي ٿيندڙن جي عيادت پڻ ڪئي.