اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز جو ڳاڻيٽو دنيا جي بهترين ٿنڪ ??ين??س ۾ ٿئي ٿو، هي انسٽيٽيوٽ وزارتن جي لاءِ تحقيق ۾ معاونت جي ذميواري پڻ ادا ڪري ??هي?? آهي. سوالن جوابن جي وقفي دوران سينيٽر محسن عزيز، سينيٽر زرقه سهروردي ۽ ٻين سينيٽرز جي سوالن جي جواب ۾ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز ??سا?? جي ٿنڪ ??ين?? آهي، ڊائريڪٽر جنرل ان جو سربراهه آهي، ان جا مختلف سينٽرز ٺاهيا ويا آهن، ان جي سينٽرز ۾ ايشيا پيسفڪ ۽ چائنا سينٽرز آهن، هي نه رڳو سيمينارز منعقد ڪرائي ٿو جن جي ذريعي اسڪالرز ۽ عالمي ماهرن جو هڪ ٻئي سان رابط?? رهي ٿو، دنيا جي ٿنڪ ??ين??س سان پڻ ان جا رابطا آهن ۽ هي ??سا?? جي وزارتن جي لاءِ پڻ ريسرچ ۾ معاونت ڪري ٿو. هن چيو ته دنيا ۾ هزارين ٿنڪ ??ين??س آهن جن ۾ پاڪستان جي انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز جو نمبر 80 هون آهي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز کي هدايت آهي ته هو پارليامينٽ ميمبرن کي پڻ پنهنجي سيمينارز ۾ گهرائي باقي ٿنڪ ??ين??س کي پڻ ان حوالي سان هدايت ڪئي ويندي.