اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ۾ سياحت جا وسيع موقعا م??جود آهن، سياحت جي فروغ لاءِ وفاق ۽ صوبن کي هم آهنگي سان ڪم ڪرڻ ۽ رابطا وڌائڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب نگران وزيراعظم سان سياحت با??ت خصوصي صلاحڪار وصي شاهه ملاقات ڪئي. ??ن موقعي تي نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ وسيع پئ??ان?? تي سياحت جي حوالي سان صلاحيت موجود آهي، جنهن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. سياحت جي فروغ لاءِ وفاق ۽ صوبن کي هم آهنگي سان ڪم ڪرڻ ۽ رابطا وڌائڻ جي ضرورت آهي. ??يد وصي شاهه نگران وزيراعظم کي وفاقي سطح تي سياحت جي فروغ لاءِ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني.