اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) والاريل ڪشمير تي ??ار?? جي غيرقانوني قبضي جي خلاف ڪشمير ڏهاڙي جي موقعي تي وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ پرڏيهي آفيس کان ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ هڪ ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، پرڏيهي سيڪريٽري سائرس سجاد قاضي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري ظهور احمد، غلام محمد صفي سميت ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن، سياسي ۽ مذهبي اڳواڻن، اهميت شخصيتن، پرڏيهي وزارت جي آفيسرن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي هڪ وڏي انگ شرڪت ڪئ??. ر??لي کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته ڪشميري عوام تي ظلم جي تاريخ ڏهاڪن تي ٻڌل آهي، ??ار??ي ظلمن جي باوجود ڪشميرين جي آزادي جي جذبي ۾ اضافو ٿيو آهي، دنيا جي ڪا به طاقت ڪشميرين جي خودمختياري واري حق جي جدوجهد ۽ آزادي جي جذبي کي ختم نه ٿي ڪري سگهي. هن چيو ته ??ار?? 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڄمون ۽ ڪشمير تي غيرقانوني قبضو ڪيو ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ڪشمير بابت پاس ٿيل قراردادن جي خلاف ورزي ۽ پنهنجي آئين جي خلاف ورزي جو مرتڪب ٿي رهيو آه??. ر??لي جي موقعي تي ٻين خطاب ڪندڙن چيو ته ڪشميري عوام 76 سالن کان ??ار??ي ڏاڍ ۽ ظلم برداشت ڪري رهي آهي. پاڪستان ڪشميري عوام سان گڏ آهي ۽ گڏ رهندو. هن چيو ته 1947ع کان شروع ٿيل ظلم اڄ به جاري آهي، ??ار?? والاريل ڪشمير ۾ ماڻهن کي عدالت کان مٿانهون قتل ڪري رهيو آهي. هنن گڏيل قومن تي زور ڏنو ته هو ڪشمير جو مسئلو حل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ??ار?? والاريل علائقي ۾ آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ جي لاءِ غيرقانوني قدم کڻي رهيو آهي. خطاب ڪندڙن چيو ته ??ار?? 27 آڪٽوبر 1947ع تي سرينگر ۾ پنهنجي فوج لاهي ڪشمير تي غيرقانوني قبضو ڪيو. هن چيو ته اڄ کان 76 سال اڳ ??ار?? ڪشمير تي جبري قبضو ڪيو، اهو جبر ۽ ظلم هن وقت تائين جاري آهي. هنن چيو ته جيئن جيئن ظلم ۽ ڏاڍ وڌيو ڪشميري عوام جو جذبو به ائين ئي وڌيو آه??. ر??لي کي خطاب ڪندي حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن چيو ته ??ار?? ڪشميرين جي خودمختياري واري حق جي جدوجهد کي وڌيڪ عرصي تائين نٿو دٻائي سگهي. هنن ڪشميري عوام کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي. هنن چيو ته ڪشميري عوام ??ار??ي قابض فوج جو مقابلو انتهائي بهادري سان ڀرپور طريقي سان ڪيو آهي. ڪشمير جي آزادي جي جدوجهد دوران هيستائين لکين شهيدن قربانيون ڏنيون آهن. هنن عالمي برادري کي چيو ته اها ??ار?? جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ??ار?? جي رياستي دهشتگردي ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين تي اکيون بند نه ڪري. ان کان اڳ ريلي پرڏيهي وزارت کان شروع ٿي ڊي چوڪ تي پڄاڻي تي پهتي.