اسلام آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل ??با?? جيلاني ڪرغزستان جي ڪابينا جي چيئرمين عقيل بيڪ جاپاروف جي د??وت تي 26 آڪٽوبر تي شنگهائي ت??او?? تنظيم (ايس سي او) جي ڪائونسل آف هيڊز گورنمينٽ جي 22 هين اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجما?? پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ چين، قزاقستان، ڪرغزستان، روس، تاجڪستان ۽ ازبڪستان جا حڪومتي سربراهه، ايران جو ??ائب صدر ۽ پاڪستان ۽ ڀارت جا پرڏيهي وزير شرڪت ڪندا. ايس سي او ۾ مبصر جو درجو رکندڙ ملڪن بيلاروس ۽ منگوليا سان گڏوگڏ ترڪمانستان خصوصي د??وت تي اجلاس ۾ شريڪ ٿيندا. شنگهائي ت??او?? تنظيم (ايس سي او) جي ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ ٻيو سڀ کان وڏو فورم آهي، اهو بنيادي طور تي معيشت، ماليات، واپار ۽ سماجي اقتصادي ت??او?? جي شعبن تي ڌيان ڏي ٿو. پاڪستان 26 آڪٽوبر 2023ع تي شنگهائي ت??او?? تنظيم (ايس سي او) جي ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ جي صدارت سنڀاليندو. نگران پرڏيهي وزير اجلاس جي موقعي تي ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو.