پشاور – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگ??ان وزيراعظم ??نوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حڪومت جي وقت سر قدمن سان آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ گهٽتا??ي آ??ي آهي، اسمگلنگ ۽ ذخيره اندوزي جي روڪٿام ۾ پاڪ فوج پاران فراهم ڪيل مدد ساراهه جوڳي آهي، اسمگلنگ ۽ ڪرپشن کي بلڪل برداشت نه ڪيو ويندو، خيبرپختونخواهه پوليس ۽ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، دهشتگردي جي واقعن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ خيبرپختونخواهه پوليس ۽ انتظاميا جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، اسان ڪڏهن به اجازت نه ڏينداسين ته ڪا تنظيم ي?? جٿو هٿيار کڻي ۽ رياست جي رٽ کي چئلينج ڪري، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيون آهن. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگ??ان وزيراعظم ??ي صدارت ۾ خيبرپختونخواهه سان لاڳاپيل معاملن تي اهم اجلاس گورنر هائوس پشاور ۾ ٿيو. نگ??ان وزيراعظم کي خيبرپختونخواهه جي امن امان جي تازي صورتحال جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. ان کانسواءِ لاڳاپيل عملدارن پاران نگ??ان وزيراعظم کي صوبي کي درپيش مالي مسئلن جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي نگ??ان وزيراعظم چيو ته حڪومت جي وقت سر قدمن جي ڪري آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ گهٽتا??ي آ??ي آهي. هن چيو ته اسمگلنگ ۽ ذخيره اندوزي جي روڪٿام ۾ فوج پاران فراهم ڪيل مدد ساراهه جوڳي آهي. نگ??ان وزيراعظم ??ور ڏئي چيو ته اسمگلنگ ۽ ڪرپشن کي بلڪل برداشت نه ڪيو ويندو. نگ??ان وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ غيرقانوني طور تي رهندڙ ماڻهن کي واپس موڪليو پيو وڃي جڏهن ته اهو خيال رکيو وڃي ته قانوني طور تي رهندڙ غيرملڪين کي ان حوالي سان ڪا ڏکيائي نه ٿئي. هن هدايت ڪئي ته امن امان ۽ سيڪيورٽي جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن وسيلا استعمال ۾ آندا وڃن، خيبرپختونخواهه پوليس ۽ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته دهشتگردي جي واقعن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ خيبرپختونخواهه پوليس ۽ انتظاميا جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. نگ??ان وزيراعظم چيو ته اسان ڪڏهن به اجازت نه ڏينداسين ته ڪا تنظيم ي?? جٿو هٿيار کڻي رياست جي رٽ کي چئلينج ڪري. هن هدايت ڪئي ته پوليس کي جديد اوزارن سان ليس ڪيو وڃي ته جيئن دهشتگردي جي لعنت کي بهتر انداز ۾ منهن ڏئي سگهجي. هن چيو ته وفاقي حڪومت خيبرپختونخواهه حڪومت کي هر ممڪن سهولتون ۽ وسيلا فراهم ڪندي. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ هٿياربند فوج ۽ پوليس لازوال قربانيون ڏنيون آهن، پوري قوم سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس سان گڏ بيٺل آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيون آهن. نگ??ان وزيراعظم ??يبرپختونخواهه کي درپيش مالي ۽ ٻيا مسئلا حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته صوبي جي مالي مسئلن ۽ ضم ٿيل ضلعن جي مسئلن جي حوالي سان حڪمت عملي تيار ڪئي ويندي. اجلاس ۾ خيبرپختونخواهه جي گورنر حاجي غلام علي، خيبرپختونخواهه جي نگ??ان وڏي وزير اعظم ??ان، نگ??ان صوبائي وزير سيد مسعود شاهه، بئريسٽر فيروز جمال، جسٽس (ر) ارشاد قيصر، احمد رسول بنگش، آصف رفيق، ڊاڪٽر نجيب الله، ڊاڪٽر محمد قاسم جان، جسٽس (ر) ارشد حسين شاهه، سيد عامر عبدالله، انجنيئر عامر نديم دراني، انجنيئر احمد جان، نگ??ان وڏي وزير جي صلاحڪارن ڊاڪٽر رياض انور، ڊاڪٽر سرفراز علي شاهه، نگ??ان وڏي وزير جي خاص معاون ظفر الله خان، چيف سيڪريٽري خيبرپختونخواهه نديم اسلم چوڌري ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.