اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته غيرقانوني طور تي رهندڙ ماڻهن کي ملڪ بدر ڪرڻ جو تازو فيصلو افغان پناهگيرن کي نشانو بڻائڻ جي لاءِ ناهي ڪيو ويو پر اهو انهن سمورن غيرملڪين جي خلاف آهي جن وٽ ويزا دستاويز نه آهن. پرڏيهي آفيس جي تر??ما?? ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان ۾ افغان پناهگيرن جي حوالي سان قومي پاليسي ۾ ڪا تبديلي ناهي ??ي ۽ انهن جي محفوظ واپسي هڪ جدا مسئلو آهي. تر??ما?? چيو ته جاري آپريشن انهن ماڻهن جي خلاف آهي جن يا ته پنهنجي ويزا کان وڌيڪ قيام ڪيو آهي ??ا انهن وٽ قيام جي لاءِ صحيح دستاويز نه آهن. هن واضح ڪيو ته ان آپريشن جو انهن افغان پناهگيرن سان ڪو تعلق نه آهي جن جي پاڪستان معاشي مجبورين جي باوجود ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ميزباني ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ٻطرفو واپار جاري آهي جڏهن ته هن ان ڳاله?? تي زور ڏنو ته پاڪستان ٽرانزٽ ٽريڊ جي سهولتن جي غلط استعمال کي قبول نه ڪندو. هن چيو ته پاڪستان واضح طور تي افغانستان کان خطرن بابت پنهنجي خدشن جو اظهار ڪندو رهيو آهي. هن چيو ته اسان سفارتڪاري تي يقين رکون ٿا ۽ افغان عملدارن سان ڳالهه ٻولهه جاري رکنداسين ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهجي ته افغان سرزمين دهشتگردي کي هوا ڏيڻ جي لاءِ استعمال نه ٿئي. تر??ما?? چيو ته پاڪستان ڀارتي عملدارن سان رابطي ۾ آهي ۽ انهن تي زور ڏنو ويو آهي ته اهي ??اڪستاني صحافين ۽ تماشائين کي ويزا جاري ڪن جيڪي ڀارت ۾ آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ڏسڻ چاهين ٿا. هن چيو ته اها ميزبان ملڪ جي ذميواري آهي ته اهو پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي سيڪيورٽي ۽ سازگار ماحول فراهم ڪري. تر??ما?? ان ڳاله?? تي زور ڏنو ته راندين کي سياست کان سان ڳنڍڻ نه گهرجي. هن چيو ته پاڪستاني ٽيم ٻطرفي ڪرڪيٽ سيريز جي لاءِ ڀارت جو دورو نه ڪري رهي آهي ۽ ان کي عالمي سيريز ۾ شرڪت جو پورو حق حاصل آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ تر??ما?? چيو ته پرڏيهي ??زارت کي اليڪشن ڪمي??ن پاران ايندڙ عام چونڊن جي لاءِ عالمي مبصرن کي گهرائڻ جو باضابطا پيغام مليو آهي. هن چيو ته ان عمل کي پاليسي ۽ ماضي جي طرزعمل موجب آسان بڻايو ويندو.