اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي ??ي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اڄ ڀارت کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ??صوصي حيثيت کي هڪطرفي ۽ غيرقانوني طور تي منسوخ ڪندي چار سال گذري چڪا آهن، ان وقت کان وٺي هيستائين ڀارت ڪشميري عوام کي دٻائڻ جي لاءِ طاقت ۽ تشدد جي وحشياڻي استعمال جو سهارو ورتو آهي، ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ??المي طور تي مڃيل تڪراري حيثيت کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ قدمن جو هڪ سلسلو پڻ شروع ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف استحصال ڏهاڙي (5 آگسٽ) جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڀارت ڪشميرين جي ??ودمختياري جي ??ق کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ ڪشميري آبادي ۾ تبديليون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڀارت جا تازا قدم ڪشمير جي مسلمان اڪثريتي آبادي کي راءِ جي ??ق کان محروم ڪرڻ جي ڪڌي ڀارتي ارادي جي نشاندهي ڪن ٿا. هن چيو ته ان مقصد جي لاءِ ڀارتي عملدارن چونڊ تڪن جي چونڊ حدبندي ڪئي آهي، لکين غيرڪشميرين کي جعلي ڊوميسائيل جاري ڪيا آهن ۽ موجوده ووٽر فهرستن ۾ ڦيرڦار جي لاءِ لکين عارضي رهواسين کي پڻ شامل ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته اهي سمورا قدم ڪشمير جي ??بادي ۽ سياسي منظرنامي کي تبديل ڪرڻ جي ??وچيل سمجهيل ڀارتي حڪمت عملي جو جز آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان اهڙن سمورن هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدمن کي رد ڪري ٿو. هن چيو ته ڀارت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي وحشياڻو قبضو نه رڳو عالمي قانونن جي ??لاف ورزي آهي پر بنيادي انساني حقن جي ??المي سطح تي مڃيل اصولن جي پڻ توهين آهي. هن چيو ته ڀارت ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جاري رکيو آهي. ان مسئلي تي عالمي برادري کي وڌيڪ خاموش نه رهڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته ڀارت 7 ڏهاڪن کان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ??وام تي قابض آهي ۽ ان عرصي ۾ فوجي گهيراءُ ۽ ميڊيا بل??ڪ آئوٽ جا چار سال به شامل آهن. انهن ??مورن عملن جي ??اوجود ڀارت به??در ڪشميري عوام کي خاموش ڪرائڻ ۾ ناڪام رهيو آهي ۽ ڪشميرين جي ??زادي جي لاءِ منصفاڻي جدوجهد وڌيڪ تيز ٿي وئي آهي ۽ هڪ ٻئي پٺيان بيگناهه ڪشميرين جا ٽي نسل آزادي جي لاءِ پنهنجي ??انين جا نذرانا پيش ڪري چڪي آهي. وزيراعظم چيو ته ان جي ??اوجود اڄ به ڪشميري عوام ڀارتي قابض فوج جي وڌندڙ ڏاڍ جو مقابلو ڪري رهي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان انهن ??ه??در ڪشميري مردن ۽ عورتن کي سلام پيش ڪري ٿو ۽ انهن کي ڀارتي قبضي کان آزادي جي ??دوجهد ۾ پنهنجي مسلسل حمايت جو يقين ڏياري ٿو. هن چيو ته ڀارت ڪشميري عوام، عالمي برادري ۽ گڏيل قومن سان پنهنجي واعدن کي پورو ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. اها ناڪامي ڀارت جي هڪ ذميوار ميمبر رياست طور تي موقف کي سواليه نشان بڻائي ٿي. هن چيو ته ڀارت جو ڪشميرين کي انهن ??ي خودمختياري جو حق ڏيڻ کان انڪار هن پوري خطي جي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي ??زادي جي ??دوجهد جي ??ائز ۽ منصفاڻي مقصد جي ??خلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو، اهو پاڪستان جو پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان واعدو آهي ته اسان انهن ??و آواز هر فورم تي ان وقت تائين کڻي وينداسين جيستائين عالمي برادري ان مسئلي تي ايڪشن نه ٿي وٺي. وزيراعظم چيو ته عالمي برادري جي ??ميواري آهي ته ڀارت تي انساني حقن جي ??نگين خلاف ورزين ۽ والاريل ڄمون۽ ڪشمير تي 5 آگسٽ 2019ع کان هيستائين هڪطرفو ۽ غيرقانوني قبضو ختم ڪرڻ جي لاءِ زور ڏنو وڃي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ڏکڻ ايشيا جا ماڻهو امن ۽ استحڪام جا خواهشمند آهن ۽ اهو ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ بامعنيٰ مشاورت ۽ ڳالهه ٻولهه جي ??ريعي ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ان ڳالهه ٻولهه ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي ??ڪرار سميت ٻين مسئلن تي ڳالهه ٻولهه شامل آهي.