اسلام آباد-19 جولاءِ (اي پي پي)قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته اسان جي عورتن جون صلاحيتون دنيا ۾ ڪنهن کان گهٽ ناهن، عورتن کي سڀني شعبن ۾ نمائندگ?? ڏئي م??ڪ کي ترقي ۽ خوشحاليءَ جي رستي گامزن ڪري سگهجي ٿو. عورتن جي م??شور جي م??ضوع تي ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس جي پڄاڻيءَ واري تقريب کي خطاب ڪندي راجا پرويز اشرف چيو ته منهنجي لاءِ اها وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي ته مان اڄ عورت ڪاڪس جي تقريب ۾ موجود آهيان، عورتن جي شموليت کانسواءِ ڪوبه معاشرو ترقي نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته اسان جي عورتن جون صلاحيتون دنيا جي ڪنهن به عورت کان گهٽ ناهن، ما?? عورت اسيمبلي م??مبرن کي تمام وڏي ذميداريءَ سان ڪم ڪندي ڏٺو آهي، مرد عورتن کي معاشري ۾ اڳتي اچڻ ۾ رهنمائي ڪن. اسيمبلي ۾ صنفي امتياز کانسواءِ سڀ ميمب?? برابر هوندا آهن صرف ۽ صرف معزز اسيمبلي م??مبر هوندا آهن. راجا پرويز اشرف جو چوڻ هو ته جڏهن توهان پارليامينٽ ۾ آهيو ته اتي توهان کي ڪم ڪرڻو پوندو آهي. عورتون فوري طور تي سڌيءَ ريت چونڊن ۾ حصو نه وٺي سگهن ته گهٻرائڻو ناهي، پنهنجي لاڳاپيل سياسي پارٽيءَ سان پنهنجي وابستگي جاري رکي وڃي، جڏهن سياسي پارٽيو?? عورتن جي نمائندگيءَ تي سٺو سوچينديون آهن ته باقي پارٽيون به سوچينديون. بلوچستان اسان سڀني جو آهي ۽ اسان سڀ هڪ آهيون. ڪانفرنس ۾ عورتن کي بااختيار بنائڻ لاءِ هاڪاري تجويزون پيش ڪيون ويون. ان تي عملدرآمد سان سٺا نتيجا ملندا. ان موقعي تي پارلياماني وومن ڪاڪس جي سيڪريٽري ڊاڪٽر شاهده رحماني سڀني شرڪت ڪندڙن جو شڪريو ادا ڪيو. هن ڪامياب ڪانفرنس منعقد ٿيڻ تي قومي اسيمبلي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ۽ وومن ڪاڪس جي ڪردار کي ساراهيو.