اسلام آباد – 10 مئي (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته پارليامينٽ طاقت ج?? مرڪز، آئين جو ??الق ۽ واحد قا??ون ساز ادارو آهي، عوام جي مرضي پارليامينٽ مان جنم وٺي ٿي ۽ سمورن ادارن کي عوام جي ان خودمختيار ۽ اعليٰ اداري جي سامهون جوابده هجڻ گهرجي، اهو ئي اسان جي آئين جو ??وح آهي ۽ هي هڪ همه گير، گڏيل احترام، متنوع ۽ مڪالمي تي ٻڌل پاڪستان جو واحد رستو آهي. قومي اسيمبلي ۾ آئين پاڪستان جي گولڊن جوبلي جي مناسبت سان منعقد ٻن ڏينهن واري عالمي ڪنوينشن جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي اسپيڪر نمائندن ۽ مهمانن کي خوش آمديد چيو. تقريب ۾ 17 کان وڌيڪ ملڪن جا نمائندا شريڪ ٿيا. پرڏيهي شرڪت ڪندڙن ۾ مختلف ملڪن جا اسپيڪرز، ڊپٽي اسپيڪرز، عالمي قانوني ماهر ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ نمائندا شامل آهن. اسپيڪر چيو ته مون کي تمام گهڻي خوشي آهي ته اوهان سڀ اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين جي گولڊن جوبلي جي تقريب ۾ شريڪ آهيو، اوهان سڀني جي هتي موجودگي ان ڳالهه جي عڪاسي آهي ته اوهان آئين ۽ قا??ون جي پاسداري، جمهوريت، قا??ون جي حڪمراني ۽ عوام جي چونڊيل نمائندن ذريعي اختيارن جي منتقلي تي يقين رکو ٿا.قومي اسيمبلي جي اسپيڪر وزيراعظم پاڪستان جو ??صوصي ٿورو مڃيندي چيو ته آئون پنهنجي وزيراعظم شهباز شريف جو ??صوصي طور تي ٿورائتو آهيان ته هن آئين جا 50 سال جي عنوان سان هڪ مهيني تائين جاري رهندڙ تقريبن ۾ ذاتي دلچسپي ورتي ۽ ان جي مسلسل حمايت ڪئي. اهو پارليامينٽ جي بالادستي تي وزيراعظم جي پختي يقين جو ??ظهار آهي ۽ ان جي اڻٿڪ ڪوششن کي ساراهڻ ۾ سڄو ايوان مون سان متفق آهي. اسپيڪر چيو ته مون پنهنجي پارٽي ۽ ان جي قيادت خاص طور تي آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جو هڪجهڙو ٿورائتو آهيان، جنهن آئين جي تحفظ ۽ دفاع لاءِ پنهنجي پختي عزم جو ??ظهار ڪيو، هن رخ ۾ اوهان جو هر قدم 1973ع جي آئين جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد جمهوريت محترمه بينظير ڀٽو جي ان مقدس دستاويز کي برقرار رکڻ لاءِ ڏنل قربانين جو پڙاڏو آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته مون مولانا فضل الرحمان ۽ سندس پارٽي جمعيت علماءُ اسلام، خالد مقبول ??ديقي ۽ متحده قومي موومينٽ جي ميمبرن خالد مگسي ۽ بلوچستان جي قابل ۽ دور انديش قيادت جو ??ه ذاتي طور تي ٿورائتو آهيان. اسپيڪر چيو ته 75 سال اڳ ڏکڻ ايشيا جي مسلمانن قائداعظم جي قيادت ۾ متحد ٿي هڪ ملڪ ٺاهڻ لاءِ عوام جي آزاداڻي خواهش جو ??ظهار ڪيو، قائداعطم 1928ع ۾ پنهنجي مشهور 14 نڪتن ذريعي اسان کي وفاقيت ۽ صوبائي خودمختياري جو ??حترام ڪرڻ جو ??رس ڏنو. اسپيڪر چيو ته پاڪستان جي باري ۾ قائد جو ويزن اها جمهوريت هئي جنهن جو ??نياد برابري ۽ انصاف جي اسلامي اصولن تي هجي ۽ قائداعظم ان جو ??علان 10 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان جي دستور ساز اسيمبلي کي پنهنجي پهرين خطاب ۾ ڪيو. پارليامينٽ رياست جو ??ودمختيار ۽ سپريم ادارو آهي. اسپيڪر چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته عظيم قائد جو ويزن ذاتي ۽ ننڍن مفادن جي نذر ٿي ويو جتي جمهوريت ڪجهه مراعتن يافته طبقي جي ڪلب ۾ هلي وئي ۽ عوام جي مرضي هڪ ڊڪٽيٽر جي خواهشن جي يرغمال بڻجي وئي. اسپيڪر چيو ته 1956ع ۽ 1962ع جي ٻن اڳوڻن آئينن جي ناڪامي ۽ آخر ڪار 1971ع جي سانحي کانپوءِ به هڪ جمهوري، وفاقي پارلياماني رياست لاءِ پاڪستاني عوام جي فطري خواهش وري جاڳي، اها شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي متحرڪ قيادت ۾ ٻن سالن کان گهٽ عرصي ۾ پهريون ڀيرو متفقه آئين حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي. اسان جي قومي قيادت متفقه طور تي هڪ اهڙو آئين لکيو جيڪو ڪنهن ماڻهو جي ڊڪٽيشن نه پر هڪ متحده وفاق جو گڏيل عزم هو. اسپيڪر چيو ته 10 اپريل 1973ع کان وٺي 2010ع تائين ۽ هاڻي 2023ع تائين اسان هڪ ڊگهو سفر طئي ڪيو آهي ۽ اڃان تاين هڪ حقيقي اسلامي جمهوري وفاقي پاڪستان لاءِ اسان جو ??فر ختم ناهي ٿيو. بنيادي حقن جي ضمانت، جيئن ته آئين واعدو ڪيو آهي، اڄ به روشني جي ڳولا آهي. اسپيڪر چيو ته آئين جي آرٽيڪل 3 جو ??هد، جيڪو رياست کي هر قسم جي استحصال جي خاتمي لاءِ هر هڪ کي پنهنجي صلاحيت موجب پنهنجي ڪم موجب عالمي اصولن جو پابند ڪري ٿو، وڏي حد تائين پورو ناهي ٿيو. هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 25 کي مڪمل طور تي پورو ڪرڻ جي خاطري ۽ 25 اي جي ضمانت ته هر ٻار کي لازمي تعليم جي خاطري اسان جي بامعنيٰ قدمن جو ??نتظار ڪري رهي آهي، جيڪڏهن جمهوري قيادتن کي محلاتي سازشن ۽ آڌي رات ج?? حملن جو يرغمال بڻايو وڃي ته هي فاصلو وڌيڪ وڌندو رهندو. اسپيڪر چيو ته هي معزز ايوان طاقت ج?? مرڪز آهي، پارليامينٽ آئين جو ??الق ادارو آهي، هي واحد قا??ون ساز ادارو آهي، عوام جي مرضي پارليامينٽ مان جنم وٺي ٿي ۽ سمورن ادارن کي عوام جي ان خودمختيار ۽ اعليٰ اداري جي سامهون جوابده ٿيڻو آهي، اهو ئي اسان جي آئين جو ??وح آهي ۽ هي هڪ هم گير، گڏيل احترام، متنوع ۽ مڪالمي تي ٻڌل پاڪستان جو واحد رستو آهي.