اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي اتر وزيرستان ۾ پاڪ فوج جي اهلڪارن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ ??وجب صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي پنهنجي تعزيتي بيان ۾ شهيدن کي ملڪ جي لاءِ جانيون قربان ڪرڻ تي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر شهيدن جي فرض شناسي ۽ حب الوطني کي سل??م پيش ڪيو. هن شهيدن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار، صبر جميل ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي.