اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان سعودي عرب ۾ پاڪستان جي نامزد سف??ر احمد فاروق ملاقات ڪئي. صدر نامزد سفير کي تڪراري ڄمون ۽ ڪشمير ۽ ڀارت ۾ مسلمانن تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ کي مختلف فو??من تي اجاگر ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ايو??ن صدر جي پريس ونگ موجب ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته سعودي عرب سان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي، ٻنهي ڀائر ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان سعودي عرب سان پنهنجي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، ٻطرفا لاڳاپا گڏيل عق??دي، تاريخ ۽ عوام جي عوام سان رابطن تي ٻڌل آهن، پاڪستان ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفاد جي لاءِ موجوده ٻطرفن لاڳاپن کي اسٽريٽجڪ اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته نامزد سفير ٻطرفن رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري.