اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ”گهڙيءَ چور، توشه خانه چور پيش ٿئي“ جا آواز هنيا پيا وڃن پر عمران خان گم آهي، عمران خان پيش نه ٿيو ته گرفتار ڪرڻ گهرجي، جيل ڀرڻ جو شوق به پورو ٿي ويندو. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته عدالت پڇي ر??ي آهي ته جوابدار ڪٿي آهي؟ جواب مليو ”وقت جو نه ٿا ٻڌائي سگهون“ عدالت پڇي ر??ي آهي ته جوابدار ڪهڙي وقت پ??ش ٿيندو، جواب مليو ”عمران خان سان رابطو نه ٿي ر??يو آهي“ عدالت گهڙيءَ چور جي حاضري جو پڇي ر??ي آهي جيڪو اڃا تائين پيش ناهي ٿيو، فارن ??يجنٽ ضمانت ڪرائڻ بئنڪنگ ڪورٽ تي مهرباني ڪري ر??يو آهي، توشه خانه ڪيس ۾ فرد جرم لڳڻي آهي اتان به هي مفرور آهي، واهه ڀئي واهه. مريم اورنگزيب چيو ته نواز شريف ڌيءَ سان گڏ روزانو عدالت پ??ش ٿي سگهيو پئي ته عمران خان، بشريٰ بي بي ۽ فرح گوگي سان گڏ ڇو نه ٿو ??يش ٿي سگهي؟ عمران خان ڏٺئي! وقت اچڻ تي جواب پاڻ ئي ڏيڻو پوندو آهي، بشريٰ ۽ گوگي به ساٿ ڇڏي ڏنو آهي. هن چيو ته گهڙيءَ چور ۽ فارن ??يجنٽ سڌو جيل ويندو يا سڌو عدالت. گهڙيءَ چور فارن ??يجنٽ جواب ڏجان ته توشه خانه ڇو ڦريو؟ خانه ڪعبه جي گهڙيءَ ڇو وڪرو ڪئي؟ بشريٰ بي بي توشه خانه جي هيرن ??ا هار ڇو وڪرو ڪيا؟ عدالت ۾ پيش ٿي جواب ڏيو. هن چيو ته فارن ??يجنٽ جواب ڏي ته خيرات جا پئسا سياست تي ڇو لڳايا؟ پنهنجي ملازمن جي نجي اڪائونٽس کي مني لانڊرنگ جي لاءِ ڇو استعمال ڪيو؟ شوڪت خانم اسپتال جي خيرات جا پئسا پرائيويٽ هائوسنگ س??سا??ٽي ۾ ڇو لڳايا؟ ووٽن ڪرڪيٽ ڪلب کان لکين ڊالر ڇو ورتا؟ خيرات جو پئسو سياست ۾ ڇو لڳايو؟ فارن فنڊنگ ملڪ جي خلاف ڇو استعمال ڪئي؟