ويلنيئس – 21 – فيبروري (اي پي پي) پرڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري ليٿوانيا جي پرڏ??هي وزير گيبريلس لئنڊسبرگ سان ملاقات ڪئي. پرڏ??هي آفيس موجب ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن بشمول واپار، سيڙپڪاري ۽ تعليم جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻنهي وزيرن جي وچ ۾ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پرڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ليٿوانيا جي پرڏ??هي وزير گيبريلس لئنڊسبرگ ٻطرفي مشاورتي مڪينزم قائم ڪرڻ بابت معاهدي تي پڻ صحيحون ??يو??.
پرڏ??هي وزير ليٿوانيا جي گادي واري شهر ولنيئس جي تاريخي دوري تي آهي، اهو ڪنهن به پاڪستاني پرڏ??هي وزير پاران بالٽڪ علائقي جو پهري??ن دورو آهي. پرڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري ليٿوانيا جي پارليامينٽ جو دورو ڪيو ۽ ليٿوانيا جي آزادي جي جدوجهد ۾ جانيون قربان ڪندڙن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي.
پرڏ??هي آفيس موجب پرڏ??هي وزير ليٿوانيا جي پارليامينٽ جي اسپيڪر وڪٽوريا سميليتي نيلسن سان پڻ ملاقات ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پارلياماني مٽاسٽا جي اهميت کي ورجايو.
پرڏ??هي وزير ليٿوانيا جي ٽرانسپورٽ ۽ مواصلات واري وزير ماريئس اسڪوڊيس سان پڻ ملاقات ڪئي. ٻنهي وزيرن ٻطرفو تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.