ايبٽ آباد – 10 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آه?? ته پي ٽي آءِ جي وفاق ۾ چار سال ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 10 سال حڪومت دوران رڳو تباهي ٿي آه?? ۽ ان جي ڊگهي داستان آه??، آءِ ايم ايف وٽ اتحادي حڪومت نه وئي عمران خان ويو هو، اسان آءِ ايم ايف پروگرام اڳ ۾ به مڪمل ڪيو ۽ هاڻي به مڪمل ڪنداسين، ملڪي معيشت کي پاڻڀرائپ طرف کڻي وينداسين، صحافين جو تحفظ ۽ انهن کي سمورين سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ مريم نواز خيبرپختونخواهه ۾ هزاره مان تنظيمي اجلاسن ۽ ورڪرز ڪنوينشنز جي شروعات ڪئي، هن هتي ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪيو، سوشل ميڊيا ونگ جي اجلاس جي صدارت ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) خاص طور تي نواز شريف جو پوري خيبرپختونخواهه خاص طور تي هزاره جي عوام سان محبت جو رشتو آه??، جڏهن به مسلم ليگ (ن) جي حڪومت اقتدار ۾ آئي سدائين هزاره ۽ خيبرپختونخواهه جي ترقي جي لاءِ قدم کنيا. هن چيو ته 2014ع ۾ محمد نواز شريف صحت ڪارڊ خيبرپختونخواهه ما?? جاري ڪيو، وزيراعظم شهباز شريف ڪجهه عرصو اڳ هزاره اليڪٽرڪ ڪمپني جو افتتاح ڪيو. هن چيو ته هزاره موٽروي نواز شريف جي هزاره جي عوام سان محبت جي نشاني آه??، شهباز شريف پنجاب کي ترقي يافته بڻايو، انهي طرز تي خيبرپختونخواهه کي ترقي يافته بڻائڻ چاهيون ٿا، جتي ميٽرو، اسپتال، ليبارٽريز، انفارميشن ٽيڪنالاجي جا مرڪز، يونيورسٽيون ۽ اسڪولز هجن، گذريل 10 سالن دوران خيبرپختونخواهه ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت رهي، اهڙي ڪا اسپتال يا اسڪول ته ڇڏيو ان ۾ ڪو ڪمرو ئي ڏيکاري ڇڏيو جيڪو انهن ٺاهيو هجي. هن چيو ته ايبٽ آباد پريس ڪلب باقي پريس ڪلبن جي لاءِ هڪ مثال آه??، هزاره پريس ڪلب جي صحافين جون سموريون ضرورتون پوريون ڪنداسين، جڏهن اسلام آباد ۾ انهن جي حلف برداري جي تقريب ٿيندي ته انهن کي ليپ ٽاپ ڏنا ويندا، پريس ڪلب ۾ جديد اسٽوڊيو جي لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪنداسين ڇو ته پريس ڪلب ۾ اسٽوڊيو وقت جي ضرورت آه??، هزاره پريس ڪلب جي فرنيچر سميت ٻين ضرورتن جو پڻ جائزو وٺنداسين، هزاره پريس ڪلب جي صحافين جي لاءِ اڳ ۾ ئي فنڊ قائم ڪيو ويو آه??. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وفاقي حڪومت ۽ عوام کي مشڪل صورتحال درپيش آه??، پي ٽي آءِ جي وفاق ۾ چار سال ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 10 سال حڪومت دوران رڳو تباهي ٿي آه?? ۽ ان جي ڊگهي داستان آه??. مريم اورنگزيب چيو ته چار سال صحافين سان رستن تي وقت گذاريو، انهن جي مشڪلاتن جو اندازو آه??، صحافين جي سيڪيورٽي ۽ سيفٽي جو بل انساني حقن واري وزارت کي موڪليو ويو هو اهو واپس اطلاعات واري وزارت وٽ گهرايو ته جيئن ا?? جا قاعدا ۽ ضابطا ٺاهي عملدرآمد يقيني بڻائي سگهجي، ايندڙ هفتي ان جي ڪابينا مان منظوري ورتي ويندي، صحافين جي تحفظ جي لاءِ انهن جي سفارشن ۽ مشاورت سان گڏجي ڪم ڪنداسين، هزاره جي صحافين جي نمائندي ثاقب بشير کي ڪميٽي ۾ شامل ڪنداسين. هن چيو ته پيمرا ايڪٽ ۾ تبديلي ڪئي وئي آه??، پهريون ڀيرو ڪائونسل آف ڪمپلينٽس ۾ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس کي نمائندگي ڏني وئي آه?? ان سان اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ڪارڪنن جون شڪايتون حل ٿينديون. هن چيو ته اشتهارن جي رهتن جي ادائيگي جي لاءِ چار مهينن جو وقت ڏنو آه??، جيڪو ادارو پگهار نه ڏيندو ا?? جا اشتهار بند ڪري ڇڏينداسين، ان حوالي سان ترميم وفاقي ڪابينا مان منظور ٿي چڪي آه?? ۽ ان کي جلد پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو. بعد ۾ صحافين جي سوال?? جا جواب ڏيندي هن چيو ته ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار آءِ ايم ايف سان ڳالهين تي ميڊيا کي تفصيلن کان آگاهه ڪيو آه??، ڳالهه ٻولهه جو عمل مڪمل ٿي ويو آه??، ورچوئل اجلاس سومر کان ٿيندو، طريقيڪار موجب آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس ٿيندو جنهن کانپوءِ معاهدي جو باضابطا اعلان ڪيو ويندو. اطلاعات واري وزير چيو ته اڳوڻي حڪومت مارچ ۾ معاهدي جي ابتڙ سبسڊي ڏني جڏهن ته عمران خان ان معاهدي تي صحيحون ڪيون هيون، 2016ع ۾ محمد نواز شريف آءِ ايم ايف سان پروگرام مڪمل ڪيو، ان پروگرام دوران ماني، کنڊ، اٽي، گئس سميت ڪنهن به شيءَ جي قيمت ۾ اضافو نه ٿيو، 5 سالن دوران کنڊ جي قيمت 52 رپيا في ڪلو ۽ اٽي جي قيمت 35 رپيا في ڪلو رهي، هاڻي عمران خان جي ٽيم آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪيون، هي مهانگائي انهن جو تحفو آه??، اسان ڪوشش ڪري رهيا آه??ون ته ان جو عوام تي گهٽ کان گهٽ بار پوي ۽ اميد آه?? ته معاهدي کانپوءِ ائين ئي ٿيندو. هن چيو ته جڏهن اسان اقتدار ۾ آياسين ته آءِ ايم ايف سان اهو معاهدو معطل هو، ملڪ ڏيوالپڻو ٿيڻ جي ويجهو هو، اسان ان معاهدي کي بحال ڪيو، ملڪ کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچايو ۽ هاڻي ڳالهيون ڪاميابي سان مڪمل ڪيون آه??. هن چيو ته پي ٽي آءِ وارن پاڻ قومي اسيمبلي تان استعيفائون ڏنيون، ان وقت انهن ڌمالُون هنيُون، پارليامينٽ کي گاريون ڏنيون، امپورٽيڊ چيو، اهي پنهنجي گذريل دور ۾ به پارليامينٽ تي لعنت وجهندا رهيا، اهي هر ڳالهه تي يوٽرن وٺن ٿا، انهن پارليامينٽ تان استعيفائن جو اعلان ڪيو، هاڻي پارليامينٽ ڇا ڪرڻ وڃي رهيا آه??، اهو نه ٿو ٿي سگهي ته توهان جي منشا موجب پارليامينٽ هلي، توهان جي مرضي موجب سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ هلن، اليڪشن ڪميشن توهان جي ماتحت ادارو نه آه??، اهو آئين ۽ قانون موجب ڪم ڪري رهيو آه??. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وفاقي حڪومت جا صلاحڪار بنا پگهار جي ڪم ڪري رهيا آه??، مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ سردار نويد ڪالهه ڪنوينشن ۽ اڄ اجلاس ۾ موجود هو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آءِ ايم ايف وٽ اتحادي حڪومت نه وئي عمران خان ويو هو، آءِ ايم ايف پروگرام مڪمل ڪرڻ حڪومت جي ذميواري هوندي آه??، اسان اڳ ۾ ??ه اهو پروگرام مڪمل ڪيو ۽ هاڻي به مڪمل ڪنداسين، ملڪي معيشت کي پاڻڀرائپ طرف وٺي وينداسين.