اسلام آباد– 25 – جنوري (??ي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حن?? رباني کر سان روس جي افغانستان بابت خصوصي نمائندي ضمير ڪابلوف ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي ڌرين علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ ج?? اهميت ۽ عبوري افغان حڪومت سان عملي رابطي جي ضرورت تي زور ڏنو. هنن ماسڪو فارميٽ ۽ افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي ذريعي علائقائي حل کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو پڻ اظهار ڪي??.