اسلام آباد– 20 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اتحادي حڪومت جي سڀ کان وڏي ڪاميابي مل?? کي پراجيڪٽ عمران کان پاڪ ڪرڻ آهي، مل?? کي سڀ کان وڏي فارن ايجنٽ، فتني ۽ مافيا کان ڇوٽڪارو ڏياريو، سدائين مل?? ۽ معيشت کي مشڪلاتن مان ڪڍيو آهي، عمران پراجيڪٽ مل?? کي معاشي ڏيوالپڻي طرف ڌڪيو، اڄ مل?? ۾ مهانگائي، معاشي تبا??ي ۽ سياسي عدم استحڪام عمران پراجيڪٽ جي ڪري آهي. عمران خان جي بيان تي ردعمل جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) 2018ع ۾ مل?? کي تاريخي معاشي استحڪام ۽ عوام کي سستي ماني، کنڊ، اٽو، بجلي، گئس، پيٽرول، نوجوانن کي روزگار، مل?? کي ترقي، سي پيڪ، 14 هزار ميگاواٽ بجلي ۽ دهشتگردي کان پاڪ پاڪستان ڏئي وئي هئي. مسلم ليگ (ن) مل?? کي تاريخي 6.2 سيڪڙو تي رکي ۽ آءِ ايم ايف جو پروگرام مڪمل ڪري ڏئي وئي هئي. هن چيو ته 4 سالن ۾ عمران پراجيڪٽ مل?? جو معاشي ڏيوالپڻو ڪيو، نوجوانن کي بيروزگار ڪيو، مل?? کي دهشتگردي ڏني، ترقي روڪي ڇڏي. وفاقي وزير چيو ته عمران پراجيڪٽ 4 سالا عوام کي غربت، مهانگائي جي چڪيءَ ۾ پيسڻ، اٽو، کنڊ، داليون ۽ تيل مهانگو ڪيو، اڄ مل?? ۾ ماني مهانگي آهي ته عمران پراجيڪٽ جي ڪري اڄ سخت شرطن وارو آءِ ايم ايف جو پروگرام عمران پراجيڪٽ جو عوام کي ڏنل تحفو آهي، 4 سال عمران فارن فنڊيڊ پراجيڪٽ مل?? جي پرڏيهي لاڳاپن کي تباهه ڪري عالمي سطح تي اڪيلو ڪيو. هن چيو ته اڄ مل?? ۾ مهانگي بجلي ۽ گئس عمران پراجيڪٽ جي ڪري آهي، 4 سال تباهي مچائي مهانگائي جو طوفان آڻي اڄ اليڪشن اليڪشن جي رٽ لڳائي ويو هوندو. عمران خان 2018ع ۾ مل?? تي مڙهڻ واري اليڪشن جي ڳالهه ڪري سگهي ٿو، اليڪشن وڙهي نه ٿو سگهي.