ابوظهبي – 12 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل ??رب امارات جي قومي هيروز جي ياد ۾ تعمير ڪيل واحته الڪرامته جو د??رو ڪيو ۽ ملڪ جي دفاع ۽ تحفظ جي لاءِ گڏيل ??رب امارات جي شهيدن جي قربا??ين ۽ بهادري جي ڪارنامن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي ملڪ جي دفاع ۽ ان جي تحفظ جي لاءِ گڏيل ??رب امارات جي شهيدن جي قربا??ين ۽ بهادري جي ڪارنامن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ ابوظهبي ۾ قومي ۽ ثقافتي تاريخي مقام واحته الڪرامته جو د??رو ڪيو. وزيراعظم جو استقبال ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر مارٽرز فيمليز افيئر، آفيس خليفه بن تهنون ڪيو. وزيراعظم گارڊ آف آرنر جي پروقار تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان کانپوءِ وزيراعظم شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي. وزيراعظم واحته الڪرامته جو تفصيلي د??رو پڻ ڪيو جتي کيس يادگار بابت بريفنگ ڏني وئي جيڪا اماراتي بهادر فوجين جي قربا??ين جي ياد ۾ تعمير ڪئي وئي آهي. وزيراعظم يادگار جي مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا خيال قلمبند ڪيا. واحته الڪرامته گڏيل ??رب امارات جي گادي واري شهر ابوظهبي ۾ هڪ قومي ۽ ثقافتي نشان آهي جيڪو گڏيل ??رب امارات جي شهيدن جي بهادري ۽ يو اي اي جي دفاع ۾ انهن جي قربا??ين جي ياد ۾ قائم ڪ??و ويو هو.