اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي پرڏيهي وزير پاران هنيل بي بنياد ۽ فضول الزامن کي رد ڪندي چيو ??هي ته اهڙي قسم جا بيان پاڪستان کي بدنام ڪرڻ ۽ اڪيلو ڪرڻ ۾ ڀار?? جي ناڪامي تي وڌندڙ مايوسي جا عڪاس آهن. ڀارتي پرڏيهي وزير پاران پاڪستان جي خلاف تازن بيانن جي سلسلي ۾ ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيندي پرڏيهي آفيس جي تر??مان چيو ??ه پاڪستان ڀارتي پرڏيهي وزير پاران هنيل بي بنياد ۽ فضول الزامن کي رد ڪري ٿو. تر??مان چيو ??ه گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڀارت مظلوميت جو فرضي داستان ۽ پاڪستان مخالف پروپئگنڊه جي ذريعي عالمي برادري کي گمراهه ڪرڻ جي ڪڌي مهم ۾ مصروف آهي، اهو سلسلو هاڻي بند ٿيڻ گهرجي. مسلسل پاڪستان مخالف بيانيو پاڪستان جي سرزمين تي دهشتگردي کي هوا ڏيڻ ۾ ڀار?? جي ن?? جي پڪائي سان ملوث هجڻ جي حقيقت کي نه ٿو لڪائي سگهي ۽ نه ئي اهو ڀار?? جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ رياستي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي تي پڙدو وجهي سگهي ٿو. تر??مان چيو ??ه ٻين تي آڱريون کڻڻ بدران ڀارت پاڻ دهشتگردي، تخريبڪاري ۽ پاڪستان جي خلاف جاسوسي ۾ ملوث ٿيڻ جو سلسلو بند ڪري. رڳو ڪجهه هفتا اڳ هڪ ڊوزيئر جاري ڪيو ويو هو جنهن ۾ ناقابل تر??يد ثبوت موجود هئا جيڪي 2021ع ۾ لاهور جي هڪ پرامن پاڙي ۾ ٿيندڙ دهشتگرداڻي حملي ۾ ڀار?? جي ملوث هجڻ جي تصديق ڪن ٿا. 2007ع جي سمجهوتا ايڪسپريس سانحي ۾ ڀارتي سرزمين تي 40 کان وڌيڪ پاڪستاني شهرين جي مارجڻ کان وٺي 2016ع ۾ ڀارتي بح??يه جي حاضر سروس ڪمانڊر ڪلڀوشن ياديو ??ي پاڪستان جي اندران گرفتاري تائين، دهشتگردي ۽ تخريبڪاري ۾ ڀار?? جي ملوث هجڻ جا تر??يد نه ٿيڻ جوڳا ثبوت موجود آهن.