اسلام آباد– 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ٽيليويزن ۽ فلم جي ناليواري اداڪار اسماعيل تارا جي لاڏاڻي تي گه??ي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف مرحوم اسماعيل تارا جي گهروار?? سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي مرحوم جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته مرحوم اسماعيل تارا مزاحيه اداڪاري ?? منفرد مقام رکندو هو. هن پاڪستان ۾ مزاح کي آرٽ جي هڪ صنف طور مقبول ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پاڪستان ٽيليويزن ۽ فلم جي ناظرين جي ذهنن تي هن جي اداڪاري جا اڻمٽ نقش آهن. خاص طور تي پاڪستان ٽيليويزن جي پروگرام ففٽي ففٽي ۾ س??دس اداڪاري يادگار رهندي ۽ سندس خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو.