رياض – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي رياض پهچي ويو، رياض جي گورنر فيصل بن بندرالسعود رياض ايئرپورٽ تي وزيراعظم جي شاندار آجيان ڪئي، دفاع وارو وفاقي و??ير خواجه محمد آصف، ناڻي وارو وفاقي و??ير اسح??ق ڊار ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير مريم اورنگزيب پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن، وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان جي دعوت تي اهو دورو ڪري رهيو آهي، رياض ۾ پنهنجي قيام دوران و??يراعظم سعودي ولي عهد سان ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي شعبي ۾ گهڻ رخي تعاون ??ي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ پراڻن ڀائراڻن لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. وزيراعظم سعودي فيوچر انويسٽمينٽ انيشيٽو سمٽ ۾ پڻ شرڪت ڪندو.