اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته شمسي تو??نائي سان 10 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي منصوبي جي حوالي سان سمورين ڌرين جي ايندڙ هفتي پري بڊ ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ شهباز شريف چيو ته سرڪاري عمارتن ۽ ڊيزل تي هلندڙ ٽيوب ويلز کي ??مسي تو??نائي تي منتقل ڪنداسين، ڊيزل، ڪوئلي ۽ فرنس آئل تي هلندڙ پاور پلانٽس کي مرحليوار منتقل ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته بجلي جو هڪ وڏو حصو درامد ٿيل تيل سان پيدا ٿي رهيو آهي جنهن جون قيمتون تازن مهينن ۾ تمام بلند ٿي ويون آهن، اسان جو قومي شمسي تو??نائي جي قدمن جو مقصد مهانگي بجلي کي ??ستي شمسي تو??نائي تي منتقل ڪرڻ آهي جنهن سان عوام کي ??مام وڏو ريليف ملندو ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن جي بچت ٿيندي.