اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جون جي آخري هفتي ۾ معمول کان وڌيڪ برسات ??ي اڳڪٿي تي ف??ري قدمن جي هدايت ڪندي لاڳاپيل وزارتن ۽ کاتن کي صوبن ۽ ضلعي ان??ظاميا کي الرٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. پي ايم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم هدايت ڪئي ته موسميات کاتي جي اڳڪٿي کي نظر ۾ رکندي اڳواٽ ان??ظام ڪيا وڃن. وزيراعظم چيو ته نشيبي علائقن ۽ وڌيڪ برساتن جي لپيٽ ۾ ايندڙ علائقن ۾ هينئر کان ئي ان??ظام يقيني بڻايا وڃن. سندس چوڻ هو ته اڳواٽ حفاظتي ان??ظامن ۽ امدادي ساز و سامان جي دستيابي جي لاءِ وقت سر قدم کنيا وڃن. هن وفاق ۽ صوبن جي حصيداري سان ٺوس حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم زرعي علائقن ۾ فصلن، چوپائي مال جي حفاظت ۽ نقصانن کان بچڻ جون تدبيرون اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته خطري جي لپيٽ ۾ ايندڙ علائقن جي رهواسين کي وقت سر خبردار ڪيو وڃي، محفوظ جاين تي منتقلي يقيني بڻائي وڃي، پاڻي جي نيڪالي، نالن ۽ پاڻي گذرگاهن جي صفائي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ اسپري جا ان??ظام ڪيا وڃن.